دٻڪي

دٻڪي

دٻڪي

دٻڪي: دٻڪي گول ۽ تراکڙي پيش، کجيءَ جي ڦرهن، ڪڻڪ جي سنهڙين تيلين مان ٺهندي آهي ۽ ان تي ماني رکي ويندي آهي. دٻڪيءَ جي چؤڌاري ڪنار تي پشم يا سٽ جا رنگين ٽنئور به هنيا ويندا آهن، جنهنڪري اها زيبائتي ۽ وڻندڙ لڳندي آهي. هاڻي پلاسٽڪ ۽ نائيلون جون دٻڪيون به عام استعمال ۾ اچن ٿيون، پر اڄڪلهه ڪڻڪ جي تيلين مان ٺهيل دٻڪي گھڻي پسند ۽ استعمال ڪئي ويندي آهي. ٿر ۽ لاڙ ۾ هن کي ڇٻي به چيو ويندو آهي.


لفظ دٻڪيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو