دڙِي3

دڙِي3: هي ڳوٺ دڙي ۽ دڙي مگسيءَ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، هتي اڪثر آبادي مگسي ذات وارن جي آهي، ان ڪري هن ڳوٺ کي عرف عام ۾ ’دڙي مگسي‘ سڏيو ويندو آهي. هتي تعليم ۽ صحت جون سهوليتون آهن. تعليمي ۽ سياسي شعور جي حوالي سان تعلقي سڪرنڊ جي اهم ڳوٺن ۾ شامل ٿئي ٿو. مشهور عالم ۽ اديب ڊاڪٽر مولانا عبدالرسول قادري (مگسي) هن ڳوٺ جو رهاڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو