دڙِي4

دڙِي4: دڙِي، بلوچن جي چيف سردار مير سندر خان سندراڻيءَ جو ڳوٺ آهي، جيڪو تعلقي ڪنڌڪوٽ ۾ نيشنل هاءِ وي تي واقع آهي. هن ۾ گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول تائين تعليمي ادارو ۽ اسپتال آهي. سنڌو درياهه جي موج مستيءَ جي ڪري هيءَ دڙي ٽيو دفعو ٻڌل آهي. اڳين دڙين جا نشان به نه بچيا آهن. 2010ع واري مها ٻوڏ به هن دڙيءَ تي ڪاهه ڪئي ۽ ڪيترين جاين کي نقصان پهتو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو