راوت

راوت (ذات): سر ڊينزل ابٽسن لکي ٿو ته راوت ذات وارا راجپوت ۽ جت قبيلن سان واسطو رکن ٿا. هي دامن ڪوهه ضلعي ۽ جمنا واديءَ ۾ موجود آهن. راوت ذات وارن کي چنڊيل راجپوتن جو هڪ مڃيل قبيلو به سڏيو وڃي ٿو. هي هندستان جي ٽاڪرو علائقن ۽ سنڌ ۾ به موجود آهن. هن ذات وارا راٺين سان سڱابندي نه ڪندا آهن، پر راٺي سندن بيواهن سان شادي ڪندا آهن. راوتن مان ڪيترا ڇنال ۽ راؤ سڏبا آهن. گُڙگائون (ڀارت) جا راوت، جٽ نيات سان واسطو رکندڙ آهن ۽ سندن 8 مکيه ڳوٺ آهن، جڏهن ته ٻين ڪيترن ڳوٺن ۾ به رهندا آهن. لڌيانا ۾ به راوتن جا ڪجهه ڳوٺ موجود آهن.


لفظ راوتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو