راڳ

راڳ: راڳ ستن سرن مان ٺهندو آهي، جن ۾ 1- کرج، 2- رکب 3- گنڌار 4- مڌم 5- پنچم 6- ڌيوت ۽ 7- نکاد شامل آهن. هن وقت تائين موسيقيءَ لاءِ ڏکڻ ايشيا جي اڪثر ملڪن ۾ لفظ سنگيت استعمال ٿئي ٿو، پر دنيا ۾ لفظ ميوزڪ گهڻو ورجائجي ٿو. اهو لفظ مو+ ساقي مان نڪتل آهي. عربيءَ ۾ ميوزڪ لاءِ لفظ ’غنا‘ استعمال هيٺ آهي. يوناني لفظ ميوزڪ جو تعلق نون ديومالائي ميوزز (Muses) سان آهي، اهي 9 ئي ديويون ڪنهن نه ڪنهن فن جون محافظ آهن. ميوزڪ يا راڳ جي ديويءَ جو نالو يوٽرپ (Euterope)، جڏهن ته سندس ماءُ جو نالو نيموزيني آهي، جڏهن ته هندستان ۾ سنگيت جي ديويسرسوتي‘ آهي، جنهن کي فنونِ لطيفه ۽ سنسڪرتيءَ جي محافظ ديوي سمجهيو وڃي ٿو.
موسيقيءَ جا ٻه پاسا آهن: هڪڙو طبعي ۽ ٻيو ثقافتي يعني انساني محنت جو لاڀ. موسيقي ٻن بنيادي جزن جو ميل آهي. هڪ آواز ۽ ٻيو تال. انهيءَ بابت ارتقائي نظرئي ۽ بشريات جا ماهر لکن سالن جي ڪٿا ڪن ٿا.
سُــرن جـي لـحـاظ کان ڏهه ٺـاٺ ٺـاهـيـا ويـا آهـن: (1) ڪـلـيــاڻ، (2) بـلاول، (3) کـمـاچ، (4) آســاوري، (5) ڀيــرو، (6) ڀيروي، (7) ٽوڙي، (8) ٻـوري، (9) مـاروا، (10) ڪافـي. هر ٺاٺ ۾ ڪيتريون راڳڻيون آهن، جيڪي مختلف وقتن تي ۽ ڪي مختلف مندن ۾ ڳائجن ٿيون.
هي، فن فنونِ لطيفه (Fine Arts) ۾ شمار ٿئي ٿو، پر ان کي سکڻ سيکارڻ جي حوالي سان هي هڪ علم به آهي.
علم راڳ: سرياني لُغت موجب موسيقي ڳائڻ وڄائڻ جو هڪ علم آهي، جنهن کي هنديءَ ۾ ’آواز جو علم‘ يا ’سنگيت‘ چوندا آهن. يوناني لُغت موجب لفظ موسيقي ٻن نالن جو مرڪب آهي. مُو معنيٰ آواز ۽ سيقي معنيٰ ’گرهه‘ آهي. هن علم کي آواز مثل گرهه ڪري ٻڌو وڃي ٿو، ان ڪري مٿس موسيقي نالو رکيو ويو. ايراني لُغت ۾ اهو نالو ٽن نمونن: مُوساقي ’موسقي‘ ۽ موسيقي لکيل آهي، ٻن لفظن جو ’مُوسا‘ معنيٰ هوا ۽ ’قي‘ معنيٰ ’گرهه‘، هن علم جو دارومدار آواز تي آهي ۽ آواز هوا آهي، تنهنڪري ان علم جو نالو موساقي رکيو ويو، جو زماني جي ڦيري ۾ اچي موسيقي ٿي ويو. انهيءَ فن کي انگريزيءَ ۾ ميوزڪ(Music) چيو وڃي ٿو. اهو لفظ Muse نالي ديويءَ جي نالي پٺيان ٺهيل آهي. يوناني ڏندڪٿا موجب اها سنگيت/ شاعريءَ جي ديوي آهي.
ٺاٺ: ٺاٺ ستن سُرن جي ترتيب جو نالو آهي. انهن ستن سُرن مان هزارين راڳ ۽ راڳڻيون نڪرن ٿيون. اُهي ست سُر هي آهن: سا، ري، گا، ما، پا، ڌا، ني، يعني کرج، رکب، مڌم، پنچم، ڌيوت، نکاد، کرج ۽ پنچم اچل سُر ٿين ٿا. باقي سُر تيور ۽ ڪومل ۾ تبديل ٿين ٿا. اهڙيءَ طرح اهي ڪل 12 سُر ٿين، جن مان مختلف راڳ ۽ راڳڻيون ٺهن ٿا. کرج ۽ پنچم کانسواءِ ڪنهن به سُر کي ترتيب سان بدلائبو ته ٺاٺ بدلجي ويندو. بلاول ٺاٺ جا سُر هي آهن: کرج- شڌ- رکب- شڌ گنڌار- شڌ مڌم- پنچم- شد ڌيوت- شڌ نکاد. پر جي مٿينءَ ترتيب ۾ رڳو هڪ سر نکاد ڪومل ڪبو ۽ باقي سر اڳيان رکبا ته ڪماچ ٺاٺ ٺهي پوندو. ائين سرن جي ڦيرگهير مان ڪل 72 ٺاٺ ۽ هر ٺاٺ مان چارسو چوراسي راڳ يا راڳڻيون نڪرن ٿا. ائين 72 ٺاٺن مان ڪل چوٽيهه هزار اٺ سو اٺيتاليهه راڳ ٺهي سگهندا. موجوده دور ۾ ڀاتکنڊي 10 ٺاٺ ڇنڊي ڇاڻي بيهاريا آهن، سـي هي آهن: (1) ڪلياڻ ٺاٺ، (2) بلاول ٺاٺ، (3) ڪـمـاچ ٺاٺ، (4) ڀيرون يا ڀيروي ٺاٺ، (5) ڀيروي ٺاٺ، (6) آساوري ٺاٺ، (7) ٽوڙي ٺاٺ، (8) پوربي ٺاٺ، (9) ماروا ٺاٺ، (10) ڪافي ٺاٺ. انهن ٺاٺن مان اٽڪل ٻه سئو کن راڳ نڪرن ٿا.
مختلف ٺاٺ ۽ سندن راڳڻيون:
1. ڪلياڻ ٺاٺ: ايمن، شڌ، ڪلياڻ، ڀوپالي، ڪاموڏ، همير، ڇايانٽ، آنند، ڪيدارا، مالسري، هنڊول، چندر ڪانت ۽ گور سارنگ.
2. ماروا ٺاٺ: ماروا، پوريا، بٺيار، بنکار، سهڻي ۽ لِلت.
3. بلاول ٺاٺ: بلاول، ديوگري، سنڪره، بهاگ، بهاگڙا، پهاڙي، ديسڪار، درگا، گنڪلي، بنگال ۽ اتيا.
4. ڪماچ ٺاٺ: ڪماچ، تلڪ ڪامود، نٽ نارائن، جيسونتي، سورٺ، ديس درگا، تلنگ، گوڙ ملهار، لنڪيسري ۽ راڳيسري.
5. پوربي ٺاٺ: پوربي، پوريا ڌناسري، ديپڪ، بسنت، سري هنس نارائڻ.
6. ڀيروي ٺاٺ: ڀيروي، مالڪونس ۽ ڀوپال.
7. آساوري ٺاٺ: آساوري، درٻاري، ڪانره، اڙانه، سگرائي جو نپوري، ديسي کٽ ۽ ديو گنڌار.
8. ڪافي ٺاٺ: ڪافي، نيلمبري، ديو ساکه، باگيسري، شهانا، بروا، بندر ابني، سارنگ، ڌناسري، ڀيم پلاسي، پرديپڪي، گوڙ سارنگ، ميان جي ملهار، ٻيلو، بهار، مالتي ۽ ضلع.
9. ڀيروو ٺاٺ: ڀيروو، ڪالنگڙا، جوگيا، رامڪلي، گنڪلي، بيارسن لَلِت، ديو گندار ۽ بنگالي ڀيروو.
راڳ جي شروعات: هند جي قديم راڳ جو دؤر گهڻو آڳاٽو آهي. قديم راڳ بابت عالمن ٻه حقيقتون ڏنيون آهن:
هند ۾ ڌرمي ۽ پوتر راڳ وارو عقيدو: هند ۾ راڳ لاءِ روايت آهي ته ٽي هزار سال کن اڳ سنڌوءَ جي ڪناري آرين ڪي فقرا آلاپيا هئا، جيڪي آخرڪار شلوڪن جي صورت ۾ سام ويد ۾ مرتب ڪيا ويا، جيئن ته راڳ آڳاٽي وقت کان وٺي پاٺ پوڄا ۽ ڪريا ڪرم جو ذريعو بڻيو، ان ڪري اُن جي ڌرمي پوترتا سان آخرڪار ان جو ورد ۽ عمل پنڊتن لاءِ مخصوص رهيو ۽ راڳ مندر تائين محدود ٿي ويو. پاٺ پوڄا ۾ راڳ جي رسم ذريعي اهو ويساهه وڌيو ته راڳ ديوتائن کان مليو آهي. انهيءَ ڌرمي ويساهه موجب اهو راڳ جيڪو ديوتائن جي رضا ۽ ڀيٽا توڙي پوڄاريءَ جي پنهنجي مُڪتيءَ ۽ ڇوٽڪاري لاءِ مندرن ۾ ڳائجڻ لڳو، سو ئي راڳ ڪري تسليم ڪيو ويو. ان جي ڀيٽ ۾ لوڪ راڳ (عوام جا گيت، نغما ۽ واڄا) جيئن ته پاٺ پوڄا جي دائري کان ٻاهر هو. انهيءَ ڪري ان کي اڻ پوتر ۽ عوامي ٺهرايو ويو. انهيءَ ڪري لوڪ راڳ (Folk Singing) يا عوامي سنگيت مندرن واري اعليٰ ۽ پوتر راڳ کان الڳ ٿلڳ رهيو.
راڳ بابت قديم ڌرمي روايتون: راڳ جي ڌرمي پوترتا کي پڪي ڪرڻ لاءِ پنڊتن ۽ پاٺڪن اهو ويساهه وڌايو ته راڳ مُنڊل ديوتائن ۽ ديوين، رشين، مُنين ايجاد ڪيو ۽ پوءِ اهو پوتر راڳ پنڊتن پاٺڪن ذريعي پوين تائين پهتو. اهڙيءَ طرح ڪن جي چوڻ موجب راڳ کي مهاديو شِوَ جي راڻي پاروتيءَ ايجاد ڪيو. ڪن هنومان کي راڳ جو موجد قرار ڏنو، ڪن برهما کي راڳ جو باني بڻايو، ڪن چيو ته راڳ گڻيش پيدا ڪيو، ڪن چيو ته اهو منو ڀرت ڪڍيو، ديوتائن ۾ ديوزادين کانسواءِ ڪن شمشير کي ڪن نارد رشيءَ کي ته ڪن ڪُليناٿ کي راڳ جو باني بڻايو. مختلف پنڊتن، پاٺڪن ۽ سندن گروهن راڳ ۽ پاٺ پوڄا ۾ پنهنجي طرفان انهيءَ قسم جي روايتن کي جنم ڏنو ۽ رائج ڪيو. منجهانئن هر گروهه پنهنجي موروثي ڄاڻ ۽ ذاتي ٻُڌ سُڌ تي، پنهنجي روايت جي پذيرائي ڪندي راڳن ۽ راڳڻين جو وچور ڪڍيو ۽ ان وچور کي پڻ ديوتائن جو ڏنل ٺهرايو، جيئن ته هر گروهه جو ٻڌايل وچور ديوتائن ڏانهن منسوب هو ۽ ان وچور کي عقيدي ۽ ويساهه جي پُٺڀرائي هئي.
سنڌ کي پنهنجو ديسي راڳ هو. سنڌ کان اتر اوڀر طرف تاڪ ديس (ملتان کان اتر طرف) کي پنهنجو ديسي راڳ هو. سنڌ کان اتر اولهه طرف سؤوير ديس (ملتان کان اولهه طرف سنڌو نديءَ لڳ ديري جهنگ ميانوالي) کي پنهنجو ديسي ۽ کنڀات وارن خطن کي پنهنجو پنهنجو ديسي راڳ هو، جن جو هڪٻئي تي اثر پيو ۽ انهن ديسن جا راڳ پڻ سنڌ ۾ رائج ٿيا. بنيادي طور ديسي ڳائڻ جي سرمايي مان ئي اهو خاص ڳائڻ اُسريو، جنهن کي راڳ چئجي ٿو. اهو ئي هند جي راڳ جو بنيادي سرچشمو هو. هڪ ٻي روايت موجب پهريائين عوامي لوڪ گيتن جي سرمايي کي سامهون رکي ان کي ستن قسمن يا گيتن ۾ ورهايو ويو، جن مان فقط هڪ گيت کي ’راڳ گيتي‘ جو نالو ڏنو ويو. هن قسم جي تقسيم ۽ تخصيص سان عوامي ڳائڻ جو وڏو حصو راڳ جي دائري کان ٻاهر رهجي ويو ۽ پوءِ عوامي ديسي ڳائڻ ۽ راڳ جي وچ ۾ فرق وڌندو ويو. ديسي ڳائڻ کي عوامي ۽ اڻ پوتر ٺهرائي، ان کي خاص راڳ ۾ شامل نه ڪيو ويو. راڳ جي ڄاڻ ديسي لئي کان وڌي خود لئي جي سُرن جي ٻڌڻ سان راڳ جوڙيا ويا، اهڙيءَ طرح سنڌ توڙي ٻين ملڪن جي مقامي يا ديسي ڳائڻ جي هر لئي ۽ طرز کي راڳ جي دائري ۾ جڳهه نه ملي ۽ فقط ڪنهن هڪ اڌ مشهور ديسي لئي کي راڳ جو درجو ڏنو ويو. اهو ئي سبب آهي جو هند جي راڳ جي آڳاٽين ڪلاسيڪي روايتن ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ديسي راڳن جو ذڪر محفوظ نه رهيو آهي، مثلاً: لوڙائو، ڏهر ۽ گهاتو، سنڌ جا قديم راڳ آهن، مگر هند جي راڳ جي آڳاٽين لکتن ۾ انهن جو نالو نٿو ملي. سنڌ جي ديسي راڳڻي پڻ غالباً انهيءَ آڳاٽي دؤر جي يادگار آهي.
سنڌ جي ڪلاسيڪي راڳ جي روايت: اهي راڳ جن کي آڳاٽي زماني ۾ راڳ جو درجو ڏنو ويو ۽ جن کي هند جي راڳ جي آڳاٽين روايتن توڙي هندستاني راڳ بابت لکتن ۾ راڳن ۽ راڳڻين جي نالن سان نروار ڪيو ويو. تن کي ڪلاسيڪي راڳ ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ ڪلاسيڪي راڳ جي روايت کي سمجهڻ لاءِ سنڌ جي آڳاٽي تاريخي توڙي سماجي ۽ جاگرافيائي پس منظر کي سامهون رکڻ ضروري آهي. قديم دؤر کان وٺي سنڌ آريائي اثر واري دائري کان ٻاهر رهي آهي. موهن جي دڙي واري سنڌي تهذيب هڪ غير آريائي تهذيب هئي. ان قديم زماني ۾ جن غير آريائي قومن جو سنڌ ۽ ٻين ڀر وارين ايراضين سان تعلق ٿيو، تن جي جدا جدا متن جي نالن سان مت نروار ٿيا، جيئن مهاديو مت، شمشير مت، برهمامت، هنومت (هنومان مت) گڻيش مت، ڀرت مت وغيره. راڳ کي ديوتائن، سندن پٽن ۽ ڌيئرن جي نالن پويان، راڳن ۽ راڳڻين ۾ ورهايو ويو ۽ راڳن کي ديوتائن ته راڳڻين کي سندس زالن ۽ پٽن ۽ ڌيئن جا نالا ڏئي شڪليون شبيهون بنايون ويون. اهڙيءَ طرح راڳ جو سڄو تفصيل ڌرمي روايت جي صورت ۾پيش ڪيو ويو، يعني موسيقيءَ کي هڪ فن، هنر يا علم ڪري سمجهڻ بدران ان جي ايجاد ۽ وجود توڙي ان جي نوعيت ۽ صورت کي ڌرمي ويساهه واري رنگ ۾ پيش ڪيو ويو. پنڊتن جي مختلف فردن ۽ گروهن مختلف دورن ۾ راڳ جي جنم پتريءَ بابت مختلف روايتون رائج ڪيون، جن مان هر روايت ٻيءَ کان مختلف هئي. انهيءَ ڪري راڳ بابت ڪنهن صحيح علمي ڄاڻ يا علمي نظريي جي پيدا ٿيڻ بدران ان جو دارومدار ٻڌل سڌل روايتن تي رهيو ۽ اهي روايتون جيئن ته هڪ ٻئي کان جدا جدا بلڪ مختلف ۽ متضاد هيون، انهيءَ ڪري راڳ به هڪ منجهيل سُٽ جيان هو، جنهن کي سولي ڪرڻ ۽ سلجهائڻ جي دعويٰ پنڊتن جي ڌرمي ڄاڻ تائين محدود رهي.
تاريخي دور ۾ هند جي ڀيٽ ۾ سنڌ ديس، برهمڻي ڌرم جي مرڪزي دائري کان اڪثر ٻاهر رهيو. قبل از تاريخ واري دور ۾ سنڌ کي پنهنجي هڪ شاندار غير آريائي سنڌو تهذيب هئي. ان دؤر جي نشانين ۾ هڪ ناچڻيءَ يا نرتڪيءَ جي مورتي ثابت ڪري ٿي ته سنڌ ۾ راڳ ۽ ناچ جو وجود تاريخ کان اڳ واري زماني کان رهيو آهي. وري جڏهن کان تاريخي دؤر روشن ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ ٻڌمت ڇانيل نظر اچي ٿو. ستين صدي عيسويءَ ۾ پهريون ڀيرو برهمڻ گهراڻي جي سنڌ تي حڪومت قائم ٿي، پر اهو ٿورو عرصو رهي ۽ سنڌ جا ماڻهو ٻڌمت جا به پوئلڳ رهيا. اهڙيءَ طرح هند جي ٻين ڀاڱن جي ڀيٽ ۾ سنڌ برهمڻي ڌرم جي دائري مڪمل طور ڪونه رهي، جنهنڪري سنڌ ۾ برهمڻن جي ڪريا ڪرم ۽ مندرن واري پاٺ پوڄا جو زور شور گهٽ رهيو ۽ سندن ڌرمي پوتر راڳ رائج نه ٿي سگهيو. سنڌ ۾ پنهنجي سنڌي عوامي سنگيت جو چهچٽو ۽ چالامان رهيو ۽ انهيءَ ڪري مندر جو روايتي راڳ ان جي جاءِ والاري نه سگهيو.
سنڌ جي راڳ جي قديم روايت: انسان قديم دؤر کان وٺي پئي رُنو ۽ ڳايو آهي، ڇاڪاڻ ته غم ۽ خوشيءَ وارين حالتن ۾ پنهنجي جذبات جو اظهار ڪرڻ انساني فطرت جو جز آهن. رقت آميز لطيف آلاپ ئي سُر ۽ راڳ جو بنياد آهي. هر ملڪ ۽ هر قوم جي فردن ۽ گروهن پنهنجي پنهنجي نموني قديم وقت کان وٺي پئي ڳايو آهي ۽ هر ديس جي رهواسين جي ڳائڻ جو نمونو ملڪ جي مختلف مقامي عوامي لئي جو مجموعو آهي ۽ اهو عوامي ’سنڌي راڳ‘ آهي.
ڪاموڏ (سنڌي ڪاموڏ) پڻ هندستاني راڳ جي هڪ روايت موجب، بلاول ۽ ٽوڙيءَ جي سنگت مان ايجاد ٿيل آهي، جيڪي ٻئي بنيادي طور غير آريائي سلسلي جا راڳ آهن. سنڌ ۽ ڀارت جي دراوڙن، ڀيرون، آڀيرون، ساڪن، سئو ويرون، تاڪن ۽ ميدن جا راڳ قديم زماني کان رائج آهن.
آڀيرن جو راڳ آڀيري هو، جيڪو اڀري، آبهري، آهري، اَهري، آهيري يا آهير جي نالن سان آڳاٽي دور ۾ موجود هو. قديم دور ۾ هن راڳ جي نه معلوم ڪهڙي صورت هئي، پر هندستاني موسيقيءَ ۾ هن راڳ جي اوائلي توڙي ويجهي واري دور جي صورت سنڌ جي سنگيت جي صورت ۾ باقي رهي، جيڪي ٻئي غير آريائي ۽ سنڌي راڳن جي سلسلي سان وابسته آهن. سنڌ ۾ هن وقت فقط شاهه عبدالطيف جي راڳ ۾ سر آبري، قديم آبريءَ جي نالي جو يادگار آهي.
ساڪن جو راڳ سڪر يا سڪا، ساڪن جي حڪومت واري دور ۾ پهريائين سنڌ ۾ ۽ پوءِ گجرات ۾ رائج ٿيو ۽ اتان پوءِ هند ۾ مشهور ٿيو. شروع ۾ سُڪه ڳائڻ کي راڳ گيتي، بدران ساڌاراڻ يا ساڌارت گيتيءَ ۾ شمار ڪيو ويو، پر وقت گذرڻ سان سڪه ڳائڻ کي راڳ ڪري تسليم ڪيو ويو. هي کرج گرام جو راڳ هو. غالباً اهو ڪؤسڪ، ڪؤسڪي يا ڪئيسڪي راڳڻين جو بنياد بڻيو. موجوده سنڌي راڳ ۾ ڪؤسيه راڳڻي قديم ڪؤسڪ راڳڻيءَ جي نالي سان يادگار آهي. سڪ راڳ مان سُڪ تلڪ نالي اُپ راڳ پڻ نڪتو. سنڌ جي موجوده عوامي راڳ (ڳيچن، لوڪ گيتن، ڪافين ۽ مولودن) ۾ سمايل تلنگ راڳڻي، جنهن کي خاص سنڌي تلنگ چئي سگهجي ٿو، سا سڪ تلڪ جو يادگار آهي، ڇاڪاڻ ته صاف سنڌي تلنگ راڳڻي هندستان جي راڳ جي ٿلنگي يا تلنگي توڙي تلنگ راڳڻين کان قدري نرالي آهي.
سؤوير قوم جو راڳ سؤ ويري ۽ ان سان پاڙيسري قوم ٽاڪ جو ٽڪ يا تاڪ راڳ سنڌ ۾ رائج ٿيا. سنڌ ۾ تاڪ قوم آباد هئي، ان ڪري به سنڌ جي سرزمين ته تاڪ راڳ سنڌ ۾ رائج ٿيا. سنڌ جي خاص راڳڻي سنڌو ۽ تڪ راڳ ۽ سنگت مان تڪ سينڌو راڳ اُسريو، جيڪو هڪ آڳاٽي روايت ۾ اُپ راڳن ۾ شمار ٿيل آهي. غالباً ميدن جو راڳ هو، جيڪو پوءِ مانجهه جي نالي سان مشهور ٿيو.
سنڌ کان وٺي کنڀات تائين ڏاکڻي خطي جا راڳ: سنڌ کان وٺي گجرات ۽ کنڀات تائين سڄو خطو، ساڪن جي حڪومت هيٺ رهيو ۽ اتان جي مختلف ڀاڱن جا راڳ سڄي خطي ۾ رائج رهيا. سنڌ جي سرزمين وارن راڳن کانسواءِ، ڪڇالي شايد ڪڇ ملڪ جو خاص راڳ هو. سوراشٽر (ڪاٺياواڙ) جو راڳ سوراشٽري هو، جو پوءِ سورٺي ۽ سورٺ جي نالن سان مشهور ٿيو. گجرات تائين آباد گوجر (گجر) قوم جو راڳ گرجري (گجري) هو. کنڀات ملڪ جو راڳ آڳاٽي دور ۾ ڪامڀو جي کمڀاوتي يا کمڀاتي جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ بعد ۾ کمائجي يا کماج راڳڻين جي صورت ۾ باقي رهيو. سورٺ، گجري ۽ کنڀات راڳڻيون موجوده سنڌي راڳ جي مڙني صنفن ۾ سمايل آهن.
سنڌ جي سرزمين جا پيدا ڪيل ٻيا راڳ: ساڪا ۽ تاڪا قوم جا سڪ ۽ تڪ راڳ بنيادي طور سنڌ جا راڳ هئا، جيڪي پوءِ سنڌ کان ٻاهر هند ۾ مشهور ٿيا، جيئن ته هند جا آڳاٽا پنڊت سنڌ ديس جي راڳ جي لئي کان پوريءَ طرح واقف نه هئا. انهيءَ ڪري انهن صرف سنڌ جي مشهور ۽ مکيه لئي سينڌيي يا سينڌوي يا سنڌوي کي راڳ جي دائري ۾ داخل ڪيو. مثلاً، متنگ ڏانهن منسوب برهديشي ۾ سنڌ جو تڪ راڳ، راڳ گيتن جي دفعي ۾ ڳڻيل آهي ۽ سينڌوي، سوراشٽري ۽ گجري ٽنهي کي تڪ راڳ مان نڪتل ڀاشا گيت ڪري شمار ڪيو ويو آهي. وقت گذرڻ سان سنڌ جون ٻيون لئيون ۽ راڳڻيون پڻ ٻاهر مشهور ٿيون، جن کي هند جي آڳاٽين لکتن توڙي هندستاني موسيقيءَ جي تاليفن ۾ سنڌ جي نالي سان درج ڪيو ويو آهي، جيئن ته سنڌي، سنڌو، سينڌو، وراتي، سندرا، سنڌوڙا، سندري، سندورتي، سڌوا، سرسنڌو ۽ سنڌ يا سنڌ جي نالي سان منسوب ٻيون راڳڻيون سنڌ کان ٻاهر مشهور ٿيون ۽ پڻ هند جي راڳ جي دائري ۾ داخل ٿيون. سنڌ اندر انهن کان سواءِ پڻ سنڌ جي ديسي راڳ جون ٻيون ڪيتريون ئي ڌُنون رائج رهيون. ماڍ غالباً سنڌ جي ميدن جو راڳ هو، جو پوءِ مانڍ يا مانجهه سڏجڻ لڳو. غير آريائي راڳ ٽوڙيءَ سان مانجهه جو ميلاپ هندوستاني راڳ جي سلسلي ۾ مشهور آهي. ڏهر، گهاتو ۽ لوڙائو، جيڪي اڄ تائين سنڌي راڳ جو جز آهن، سي ٽيئي راڳ پڻ نهايت آڳاٽا آهن. ڏهر ۽ گهاتو شايد آڳاٽا اَڻ آريائي نالا آهن ۽ اهي ٻئي راڳ موجوده وقت ۾ سنڌ جي سُروار موسيقيءَ ۾ شامل آهن. اسلامي تاريخ واري دور ۾ ڏهر خاص طرح روحاني تسڪين واري راڳ جي سلسلي سان وابسته ٿيو. لوڙائو راڳ سنڌ ۽ بلوچستان جي لورن يا لوڙي قبيلن جي نالي سان پنجين صدي عيسويءَ ڌاري مشهور ٿيو. سنڌ جي ماهر لورن راڳيندڙن ايران ۾ پنهنجي مخصوص سنڌي راڳ کي رائج ڪيو، جيڪو ايران ۾ لوريان يا لوليان موسيقيءَ جي نالي سان مشهور ٿيو. سنڌ ۾ سندن انهيءَ آڳاٽي راڳ جو يادگار لوڙائو راڳڻي آهي، جيڪا سنڌ جي راڳ جي سڀني صنفن ۾ سمايل آهي. ديسي جيڪو سنڌ جي موجوده سُروار موسيقيءَ ۾ نڙ جي هڪ آڳاٽي ڌن جي صورت ۾ توڙي لوڪ گيتن ۾ موجود آهي، سا سنڌ جي آڳاٽي ديسي راڳ جو يادگار آهي.
آڳاٽا دراوڙي ۽ ٻيا غير آريائي راڳ: انهن راڳن ۾ بلاولي آساوري، ڌناسري توڙي، جهجهونتي ۽ ڪاموڏ کي شمار ڪري سگهجي ٿو، جيڪي اڄ ڏينهن تائين سنڌي راڳ جي سڀني صنفن ڳيچن، لوڪ گيتن، مولودن ۽ ڪافين ۾ سمايل آهن. بلاولي اصل ۾ دراوڙي لفظ ويلا الي آهي، جنهن کي سنسڪرت ۾ ويلا ولي ڪري لکيو ويو. ويلا اُلي آڳاٽي دراوڙي راڳ جو يادگار ۽ بلاولي ۽ بلاول راڳن جو بنيادي سرچشمو آهي. آساوري ۽ ڌناسري جيڪي سنسڪرت ۾ بي معنيٰ نالا آهن، سي پڻ اڳين اڻ آريائي راڳن جا يادگار آهن. انهن جو بنيادي تعلق سنڌ (ملتان سميت) جي راڳ جي سلسلي سان آهي. آساوري ۽ ڌناسري جي سنگت مان ئي سنڌ جا ٻيا راڳ (سنڌي آساوري ملتاني ڌناسري وغيره) وجود ۾ آيا. ’ٽوڙي‘ جيڪو موجوده سنڌي راڳ ۾ موجود آهي، سو پڻ غالباً ڪنهن اڻ آريائي دراوڙي راڳ جو يادگار آهي. جيتوڻيڪ ڪن لکندڙن ان کي سنسڪرت لفظ ٽڙڪا يا ٽوڙڪا سان تعبير ڪيو آهي. جهجهونتي پڻ غير سنسڪرتي مادي جهنجهٽ مان نڪتل آهي. هندستاني راڳ جي هڪ روايت موجب جهجهونتي بنيادي طور ڪافي راڳ مان نڪتل آهي.
(الف) عربي، ايراني راڳ سنڌ ۾ رائج ٿيا ۽ هند جي ٻين ڀاڱن تائين پهتا.
(ب) سنڌ ۾ هنگامن ڳائڻ جو فن اوج کي پهتو ۽ سُروار موسيقي جو بنياد پيو.
(ج) سنڌ ۽ هند جا راڳ اُسريا.
سنڌ جي ڪلاسيڪي راڳن جو ٻيو دور: هيءُ اٺين کان سترهين صدي عيسويءَ تائين وارو دور شاهه عبداللطيف کان اڳ وارو دور آهي، جنهن ۾ سنڌ اندر ڪلاسيڪي موسيقيءَ تي غور ڪرڻ سان ان جا هيٺيان پهلو نمايان طور نظر اچن ٿا.
(الف) سنڌ جي موسيقارن راڳ توڙي وڄت ۾ وڏي ترقي ڪئي. هن سلسلي ۾ دراوڙن جي ڀيرون ۽ آڀيري جا نالا وٺي سگهجن ٿا، گهڻو پوءِ ٻي ٽين صدي عيسوي واري دور ۾، سنڌ ۽ سنڌ کان ڏکڻ طرف ڪاٺياواڙ ۽ گجرات تائين ساڪن جو تسلط رهيو. سنڌ اندر ان دؤر ۾ ۽ پوءِ غالباً تاڪ پانيه ۽ ميد قومون آباد هيون. تاڪ نسل جا ماڻهو سنڌ جي اُترئين ڀاڱي کان وٺي مٿي ويندي ملتان ۽ ان کان اتر واري خطي تائين آباد هئا. پانيه نسل جا قبيلا وچ سنڌ ۾ سڪونت پذير هئا ۽ ميد نسل جا ماڻهو ڏکڻ سنڌ ۽ سامونڊي ڪناري لڳ آباد هئا. انهن سڀني قومن جا ڳيچ ۽ ڳائڻ سنڌ جي راڳ جو جز بڻيا. جاگرافيائي لحاظ سان، سنڌ کان اتر طرف ويندي پنجاب جي ڏکڻ اوڀر تائين تاڪ قوم جو تاڪ ديش هو، جتي اولهه طرف سنڌو نديءَ واري ڪناري سان سؤوير قوم جو سؤوير ديش هو. تاڪ قوم ذريعي سنڌ جو انهن ديسن سان سماجي تعلق هو ۽ راڳ ۾ پڻ اهو رشتو پيدا ٿيو. مثلاً: سنڌويءَ جو تاڪ راڳ شامل ٿيو. ڏکڻ طرف ڪڇ ڪاٺياواڙ گجرات کان ويندي کنڀات تائين سڀئي ملڪ توڙي سنڌ هڪ وڏي عرصي تائين ساڪن جي سياست ۽ ثقافت جي اثر هيٺ رهيا ۽ ساڪن جا راڳ انهن ملڪن ۾ رائج ٿيا. سنڌ جا انهن ڏاکڻين ملڪن سان سمنڊ ذريعي تجارتي ۽ ثقافتي لاڳاپا رهيا. سنڌ ۽ انهن ملڪن جي راڳن ۾ پڻ قريبي رشتو پيدا ٿيو. اهڙيءَ طرح قديم دور کان وٺي ستين صدي عيسويءَ تائين اڳين غير آريائي قومن جا راڳ سنڌ ۽ سنڌ جي اترين- ڏاکڻين پاڙيسري ديسن جا راڳ، سنڌ جي پنهنجي سرزمين جا راڳ، توڙي سنڌ ۽ هند جا گڏيل راڳ سنڌ جي پهرئين ڪلاسيڪي دور واري راڳ جو سرمايو بڻيا.
(الف) سنڌي موسيقارن جي ٻاهرين ملڪن ۾ مشهوري: اٺين صدي عيسويءَ (711ع) کان وٺي سنڌ پهريائين دمشق جي اُموي خلافت ۽ پوءِ بغداد جي عباسي خلافت جو هڪ صوبو بڻي ۽ اسلامي تهذيب ۽ تمدن جي دائري ۾ داخل ٿي. سياسي، تجارتي ۽ سماجي لاڳاپن سان گڏوگڏ سنڌ جا اُلهندي طرف ايران کان وٺي شام بلڪ اندلس تائين خلافت جي ٻين صوين جي وچ ۾ ثقافتي لاڳاپا قائم ٿيا ۽ سنڌ جي عالمن، فقيهن، مؤرخن، موسيقارن، صرافن، بورچين ۽ ٻين ڪاسبين ۽ فنڪارن شام ۽ عراق تائين وڏي شهرت حاصل ڪئي ۽ سنڌي موسيقيءَ جو اثر اندلس تائين ڦهليو. قديم دور کان وٺي اسلام واري دؤر تائين هند ۾ جن راڳن جي رائج هئڻ جو گمان ٿئي ٿو، تن ۾ بلاولي، آساوري، ڌناسري، ٽوڙي سَڪ راڳ، تَڪ راڳ، ڀيروي، آڀري. ڪونسيو، تلنگ، کنڀاتي، گرجري ۽ سورٺي شمار ڪري سگهجن ٿا، جيڪي ڀروارين قومن ۽ خطن جا راڳ هئا. ان کانسواءِ لوڙائو، ڏهر، گهاتو، خود سنڌ جا مقامي راڳ هئا. انهن کانسواءِ سرزمين سنڌ جون ٻيون خاص راڳڻيون هيون، جن کي پوءِ جي دؤر ۾ سنڌ جي نسبت سان سينڌي، سينڌبي، سينڌوي، سينڌو سينڌوا، سنڌورا، سنڌوري، سرسنڌو، سنڌو وغيره نالن سان سڏيو ويو. بنيادي طور اهي سڀئي راڳڻيون سنڌ جي راڳ جون شاخون هيون ۽ انهيءَ ڪري اهي راڳڻيون مختلف وقتن تي هندستان جي مختلف ڀاڱن ۾ رائج ٿيون. اتان جي مقامي مفهوم موجب ئي انهن کي جدا جدا صورت ۾ ڳايو ويو، انهيءَ ڪري هند جي راڳ بابت لکتن ۾ انهن مان ڪن راڳڻين جو وچور پڻ مختلف بلڪ متضاد صورت ۾ ڏنل آهي. جدا جدا لکندڙن جيڪي رايا ڏنا، انهن مان ظاهر آهي ته سينڌوي سڀ کان مشهور راڳڻي هئي ۽ انهيءَ ڪري ان بابت گهڻا رايا آهن.
سـيـنـڌوي: (1) تاڪ راڳ جـي راڳـڻـي، (2) پـنـجـم راڳ جـي راڳـڻـــي، (3) هڪ مکيه ڀاشا، (4) ڀاشانگ ۽ اوڍو دفعن جو راڳ، (5) ڀيرو مان نڪـتل راڳـڻـي، (6) شـڌڀيرو جي زال، (7) سري راڳ مان نڪتل راڳڻي، (8) مالوڪئشڪ مان نڪتل راڳڻي، (9) هڪ شد ميل راڳ، (10) ڪافي ميل راڳ مان نڪتل راڳڻي.
سينڌو: (1) ڀاشانگ ۽ اوڍو راڳ، (2) سريراڳ مان نڪتل راڳڻي.
سينڌوا: (1) سري راڳ جو پٽ، (2) ديپڪ جي پٽ جي زال.
سنڌوار/ سنڌوڙا: (1) مالو راڳ مان نڪتل راڳڻي، (2) سريراڳ جي زال.
سندرا: ڪافي ميل راڳ مان نڪتل راڳڻي.
سنڌري/ سنڌوري: هنڊول جي زال.
سر/ سنڌو: (1) ديپڪ جي پٽ جي زال، (2) شڪراڀرڻ مان نڪتل راڳڻي.
ظاهر آهي ته سنڌ جي مٿين راڳن مان ئي ڪي راڳ هن دؤر ۾ هندي موسيقارن ذريعي سنڌ کان ٻاهر ۽ خاص طرح عرب، ايران طرف مشهور ٿيا.
شاهه جو راڳ: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيرحه موسيقارن، عارفن ۽ شاعرن جو امام آهي. سندس درجو هڪ طرف عرفان الاهيءَ ۾ سماع ۽ وجد لاءِ ساز جي استعمال ۾ مولانا جلال الدين روميءَ سان ملي ٿو ته ٻئي طرف راڳ جي تنظيم ۾ امير خسرو تائين پهچي ٿو. شاهه صاحب البت پنهنجي مخصوص انداز ۾ راڳ کي ڪتب آندو، هن راڳ کي سُرن ۾ مرتب ڪيو ۽ سُرن کي موضوعن سان ملايو. شاهه صاحب پنهنجي تسليم طبع ۽ قلبي وسعت سببان سماع ۾وجد ۽ رقص جي بدران، سُڪوت ۽ صبر جو حامل هو ۽ ٻاهرين لوڇ پوڇ بجاءِ اندروني وجد ۽ لوڇ جو قائل هو. سندس رڳ رڳ ۾ راڳ سمايل هو. جو سهڻيءَ جي زباني چيائين:
اديون سڀ اندام، چڙن منهنجا چوريا،
لارن جا لئون لايئي، سا ڪِئن آڇيان عام،
لڳيس جنھ جيءَ لام، سو دلاسا دوست مُهي.
(سُر سهڻي، داستان پنجون، بيتبلوچ، شاهه جو رسالو، ص: 519)
سُر، رپ ۾ اهڃاڻ ڏنائين ته:
”لؤن لؤن هيٺ وڄن، رڳون ربابن جئن.“
شاهه صاحب موسيقيءَ جي فلسفي کي سولو ڪري سمجهايو ته آواز ظاهري اسباب آهن، انهن جي ظاهري هيئت ۽ صورت پويان جيڪا حقيقت آهي تنهن کي سمجهڻو آهي، ساز ۽ آواز ظاهري ذريعا آهن ۽ ڏسڻو اهو آهي ته انهن جي پويان ڪير آهي:
”هڻندڙ سدا هٿڙا، سڀڪو چوي ساز.“
سطحي سمجهه وارو ته ائين ئي سمجهندو ته اهو ساز جو ڪمال آهي، پر حقيقت ۾ ڪمال ان جو آهي، جنهن جي هٿن ۾ ساز آهي. اهڙيءَ طرح ساز کان آواز وڌيڪ آهي، اهو انهيءَ ڪري جو اهي عشق جون آهون آهن.
رڃن ۾ رڙ ٿي، ڪر سارنگيءَ جو ساز،
اي عشق جو آواز، ماڻهو ليکي منڌ جو.
شاهه جي راڳ جي آبياري ۽ اوسر لاءِ هڪ قيمتي سرمايو اڳ موجود ٿي چڪو هو. اهو هو ڀٽائي صاحب جو معنيٰ سان ڀرپور ۽ پر اثر ڪلام، جيڪو راڳ جي هن نئين نظام لاءِ نهايت ئي موزون ۽ مفيد جوڙ بڻيو. جيتوڻيڪ الحان ۽ آلاپ، راڳ جي جان آهن، مگر سهڻن سلوڻن ٿَلهَن ۽ ٻولن، دل پذير لفظن ۽ معنيٰ خيز مِصراعن راڳ جي رنگ جي اعليٰ سرمايي سان گڏوگڏ راڳ جي نئين تنظيم ۽ ترويج لاءِ هڪ اداري جو بنياد وڌو. راڳ جو اهو نئون ادارو تڏهن مڪمل ٿيو، جڏهن شاهه صاحب ڀٽ تي دائمي سڪونت اختيار ڪئي. شاهه جي راڳ جي سلسلي ۽ ان جي موجوده صورت تي غور ڪرڻ سان راڳ جي هن اداري جا هيٺيان اهم بنيادي پهلو سامهون اچن ٿا:
هن اداري ۾ ڳائڻ لاءِ ڪي خاص سُر چونڊيا ويا:
1. وڄت لاءِ هڪ خاص ساز، يعني نئين قسم جو دنبورو ايجاد ڪيو ويو.
2. راڳ ڳائڻ جي وقت ۽ نظام کي متعين ڪيو ويو.
3. راڳ ڳائڻ لاءِ راڳين جي هڪ خاص ٽوليءَ جي تربيت ڪئي وئي.
سنڌ جي قديم موسيقي: جنهن ۾ خاص سنڌ ۽ ٻين ڀروارن ملڪن جا راڳ شامل هئا. مثلاً ڀيروي، لوڙائو، ڏهر، گهاتو، ديسي، سارنگ، سريراڳ آڀيري، سنڌ يا سنڌو، مانجهه، گجري، کنڀات وغيره. قديم دؤر بعد سنڌ جي ڪلاسيڪي موسيقيءَ جو ٻيو دؤر آيو، جنهن ۾ هيٺين مکيه سرچشمن مان نوان راڳ رائج ٿيا:
سنڌي سر وار موسيقي: جيڪا عوامي روايت جي زير اثر اُسري ۽ ان ۾ موضوع ۽ موسيقيءَ جو سنگم ٿيو، يعني ڳالهه ۽ ان جو ڳائڻ هڪ ٻئي جا لازم ملزوم جز بنيا. سروار موسيقي، سنڌي موسيقيءَ جو هڪ اهم ۽ مکيه باب بڻي. سسئي، سهڻي، مورڙو، سورٺ، ليلان، مارئي، راڻو، جاجڪاڻي، پرڀاتي، ڪيرت وغيره راڳ سروار موسيقيءَ جي دائري اندر رائج ٿيا.
هند جي موسيقي: آڳاٽي دور ۾ هندي ۽ سنڌي راڳن جي ميلاپ سان وچئين دؤر ۾ هندستاني موسيقيءَ جي دائري اندر نوان راڳ سنڌي موسيقيءَ جو جز بنيا، سارنگ ۽ سريراڳ غالباً آڳاٽي دور کان وٺي سنڌ ۽ هند جا گڏيل راڳ هئا. سنڌ جي مسلمان صوفي درويشن جي تصوف واري همه گير نظريي هيٺ هند جي راڳن ۽ سنڌي لئي جي ميلاپ سان سنڌي پورب، سنڌي رامڪلي، سنڌي جوڳ، سنڌي بروو، وغيره راڳ سنڌ ۾ اُسريا.
هندستاني موسيقي: امير خسرو جي دور ۾ آيل انقلاب سان هندستاني موسيقيءَ جو بنياد پيو، جيڪا مغلن جي دؤر ۾ اوج تي پهتي ۽ سنڌ ۾پڻ مقبول ٿي، جيتوڻيڪ ڀٽائيءَ واري وقت ۾ اها هڪ رسمي هنرمنديءَ جو نمونو بنجي زوال پذير ٿي چڪي هئي. شاهه لطيف پنهنجي راڳ جي اداري ۾ انهن سڀني سلسلن مان ڪن چونڊ راڳن کي جڳهه ڏني. سنڌ جي عام مقبول عوامي نغمن مان وڌيڪ سرن جو اضافو ڪيو ويو. مجموعي طور تي ائين چئجي ته هن اداري هيٺ ڳائڻ لاءِ روايتي سُرن مان اهي چونڊيا ويا، جيڪي وڌيڪ مقبول هئا ۽ ٻيا اهي عوامي راڳ شامل ڪيا ويا، جن جو اثر ماڻهن جي دلين تي هو. اهو چئي نٿو سگهجي ته هن نئين راڳ جي تنظيم وقت شاهه لطيف ڪهڙا ۽ ڪيترا راڳ چونڊيا، البت شاهه جي رسالي ۾ شامل سُرن کي سامهون رکندي چئي سگهجي ٿو ته شاهه لطيف جو مکيه مقصد اهو هو ته موسيقيءَ جي اڳين روايتن سان تاريخي رشتو قائم رکيو وڃي. مگر ان سان گڏ خاص طرح عوامي نغمن ذريعي راڳ جي روايت ۾ نئون روح ڦوڪيو وڃي. انهيءَ اصول مطابق راڳ جي نئين اداري لاءِ سُرن جي هيٺين طرح چونڊ ڪئي وئي.
سنڌ جي قديم موسيقي جا راڳ: آبري (آڀيري) ديسي، گهاتو، کنڀات، آسا.
سنڌ ۽ هند جا آڳاٽا مشترڪه راڳ: سري راڳ، سارنگ، بسنت.
عرب-ايراني موسيقي وارا راڳ: يمن، حسيني.
سنڌ جي سروار موسيقي جا راڳ: راڻو، ليلان، مارئي، سهڻي، سورٺ، ڍول، مارئي، ڪارايل، پرڀاتي.
هند ۽ سنڌ جي ميلاپ وارا راڳ: پورب (سنڌي)، بروو (سنڌي)، رامڪلي (سنڌي)، ڪاموڏ (سنڌي).


لفظ راڳھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

راڳ - مان نڪتل ٻيون شاخون-

باگيسري/ ڀاڳيشري
اڙانا
امروهي
آروهي امروهي
انودرت ( تال)
بلاولي ٺاٺ
ٺاٺ
ڀيروي ٺاٺ
تار
تان
جهنجهوٽي (راڳڻي)
جهنگلو (راڳ)
چندرڪانت2
چندرڪونس
چوتالو
ڇايا نٽ
حسينيءَ جو نَهرو
خيال موسيقي
درباري
دُرگا
ديپڪ
ديس
ديسڪار
ديس گونڊ
ديسي 2
ديسي ٽوڙي
ديشڪ
ديوا
ديو ساک
ديو گري
ديو گنڌار گنڌاري
ڌاني 2
ڌناسري1
ڊڍ
راسيا
راڳ
راڳ مالا
راڳيسري
رامداسي ملهار
رامڪلي راڳڻي
راڻو 2
روپڪ
ريوا
زيلف
سازگيري
ساونت سارنگ
ساوڻي ڪلياڻ
ساويري
ستسنگ
سِڌ ڪلياڻ
سرپردا
سري ٽنڪ
سريراڳ
سري رنجني
سڪل بلاول
سگھرائي
شاهه جو راڳ
شام ڪلياڻ
شڌ سارنگ
شڌ ڪلياڻ
شري رنگ تال
شست پتا پترتال
شکر تال
شومت ڀيرو
شهانا
پرڀاتي راڳڻي
پرديپڪي راڳڻي
پلٽو
پنچم راڳڻي
پوربي1
پوربي2
پوريا
پوريا ڌناسري
پهاڙي راڳڻي
پِيلُو
ضلعو راڳ
جيت راڳڻي
جيت جي چال
جيت سري راڳڻي
جيت ڪلياڻ راڳڻي
جي جي ونتي راڳڻي

راڳ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ديشڪ
راڳ مالا
چوتالو
انودرت ( تال)
شري رنگ تال
اڙانا
جهنجهوٽي (راڳڻي)
شام ڪلياڻ
راسيا
سازگيري
راڳ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون