راڻي

راڻي (Queen): ڪنهن ملڪ تي حڪومت ڪندڙ عورت، يا مرد حڪمران جي زال کي راڻي چئبو آهي. سنڌيءَ ۾ راڻي لفظ، اردوءَ جي راني يا ملڪه ۽ انگريزيءَ جي Queen لفظ جو بدل آهي. راڻيءَ جي حڪمن کي سلطنت، درٻار ۽ محلات ۾ خاص اهميت حاصل هوندي هئي. بادشاهن وانگر راڻين جو به مخصوص شاهي لباس هوندو هو، جيڪو شاهي شان ۽ شوڪت جو مظهر هوندو هو. سلطنت توڙي راڄ ڀاڳ تي راڻيءَ جو دٻدٻو هوندو هو. هندستان ۾ جھانسي جي راڻي، رضيه سلطانه ۽ سنڌ ۾ راڻي لاڏي، راڻي روماسا، راڻي تارا ٻائي مشهور راڻيون ٿي گذريون آهن، جن مان ڪي پاڻ حڪمران هيون ته ڪي حڪمرانن جون زالون هيون. سنڌ ۾ راڻيءَ کي خاص ڪري ’پٽ راڻي‘ ۽ ’سنڌ راڻي‘ به سڏيو ويو آهي. ٽنڊي باگي جي مريم اچيجي (سونيتي) سنڌ جي حاڪم جي راڻي ٿيڻ کانپوءِ ’سنڌ راڻي‘ سڏي وئي ۽ شهادت ماڻڻ کانپوءِ ماڻهو بينظير ڀٽو کي به ’شهيد راڻي‘ يا ’سنڌ راڻي‘ ڪوٺين ٿا. سنڌ ۾ ’راڻي‘ لقب عورتن لاءِ سڀ کان مٿانهون لقب سمجھيو ويندو آهي. ماڻهو پيار وچان پنهنجي ڌيئرن کي ۽ مڙس زالن کي به ’راڻي‘ سڏيندا آهن.
ويهيـن صـدي عيـسـويءَ ۾ بـرطاني (انگلــنـڊ) جـي طاقتور راڻي (Super Power Queen) ملڪه ايلزبيٿ جي حڪمرانيءَ هيٺ برطانيه، هندستان ۽ ٻيا ڪيترائي ملڪ فتح ڪيا، جن جون واڳون راڻيءَ حوالي هيون. انهيءَ کانسواءِ دنيا جي ڪيترن ئي راڻين وڏا وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا آهن. ان کانسواءِ ٻين ڪيترين راڻين جو تاريخ ۾ ذڪر ملي ٿو. هر ملڪ جي راڻيءَ جو مرتبو ۽ دٻدٻو، ان جي ملڪي طاقت ۽ خزاني، اتان جي تهذيب ۽ تمدن موجب، لباس ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جو عڪس هوندو آهي. راڻيون دنيا ۽ ملڪ جا قيمتي ڳهه ۽ ڪپڙا پائينديون آهن، خاص طور هر ملڪ جي راڻي تاج پهرڻ کي ترجيح ڏيندي آهي. عام طور قديم ڪهاڻين جي تصويرن ۾ به راڻين کي تاج پاتل ڏيکاريا ويا آهن.


لفظ راڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو