رومال2

رومال2 (لوڪ گيت): هيءُ لوڪ گيت ٿرپارڪر واري حصي ۾ ڳايو ويندو آهي. زالون خوشيءَ جي موقعن تي هي گيت ڳائينديون آهن. هي گيت محبت ۽ مجاز جو گيت آهي. محبت وارا هڪ ٻئي کي جيڪي نشانيون ڏيندا آهن، تن مان رومال به هڪ آهي. هن گيت ۾ هڪ عاشق پنهنجي محبوب لاءِ هڪ خاص ريشمي رومال ٺهرايو آهي، ان جو ذڪر ڪندي، هو محبوب کان جدائيءَ واري حالت ۾ بيقراريءَ جو بيان ڪري ٿو.
رومال گيت جو هڪ بند ڏجي ٿو:
پرديسڻ ري ڪارڻيي رنگاڙان لي رومال
(پرديسي پرينءَ لاءِ رومال وٺي رڱايو آهي.)
رومال مهانجو ريشمي، رنگ جا ڇنٽا چار
هيت ڀري ڪامڻي ري ڪارڻيي، رنگاڙان لي رومال .
(رومال منهنجو ريشمي آهي، جنهن ۾ رنگ جا چار ڇنڊا يا چِٽ چٽيل آهن، منهنجي پياري محبوب لاءِ رومال وٺي رڱايو آهي.)


هن صفحي کي شيئر ڪريو