ريتي1

ريتي1: ريتي، تعلقي اٻاوڙي، ضلعي گهوٽڪيءَ جي هڪ ديهه آهي. ’ريتي معنيٰ واريءَ جي ڀٽن وارو علائقو.‘ ريتي نالي سان هتي هڪ شهر به آهي، جنهن کان اٽڪل ڇهه ڪلوميٽر اوڀر طرف انگريزن هڪ ريلوي اسٽيشن قائم ڪئي هئي. هتي پنجاهه ايڪڙن جي ايراضيءَ تي انگريز سرڪار فوجي مقصدن لاءِ هوائي اڏو به قائم ڪيو هو، جنهن کي حر گوريلن جي حملن نقصان پهچايو ۽ انگريزن اڳتي هلي هيءُ فوجي اڏو ختم ڪري ڇڏيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو