ريحانه

ريحانه

ريحانه

ريحانه (اداڪاره): فلمي دنيا جي مشهور اداڪاره ۽ رقاصا ريحانه 1930ع ڌاري لکنوءَ ۾ ڄائي. هن جو اصل نالو مشتري جهان ۽ فلمي نالو ريحانه آهي. هن لکنوءَ مان تعليم ۽ تربيت حاصل ڪئي ۽ اتان ئي رقص ۽ موسيقيءَ جي سکيا نامور رقاص شِو مهاراج کان ورتائين. کيس اداڪاريءَ جو شوق ناٽڪ ڏسي ٿيو. هن ڏهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي فن جي شروعات ’ڪجل ٿيٽر‘ کان ڪئي. اسٽيج ڊرامي ۾ اداڪاره جي حيثيت سان جلد ئي مقبوليت ماڻي ورتائين. مقبوليت ماڻڻ کانپوءِ کيس فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿي. اداڪاره جي حيثيت سان سندس پهرين فلم ’تدبير‘ هئي. ان کانپوءِ کيس فلم ’نيڪ پروين‘ ۾ اهم ڪردار مليو. ان کان سواءِ مقبول ترين فلم ’شهنائي‘ ۾ هيروئن طور ڪم ڪيائين، جنهن ۾ هن تمام گهڻي مقبوليت ماڻي، جنهن کانپوءِ کيس ’ساجن‘ فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿي، جنهن ۾ اشوڪ جي مقابل هيروئن جو ڪردار ڪرڻ لاءِ هڪ لک روپين جي معاوضي تي ڪم ڪرڻ لاءِ معاهدو ڪيائين. اهڙيءَ طرح ريحانه برصغير جي پهرين اداڪاره ۽ رقاصه هئي، جنهن هڪ لک روپيا معاوضو ورتو. هن ڀارت جي ٻن درجن فلمن ۾ ڪم ڪيو. سندس فلمساز جي حيثيت سان پهرين فلم ’رنگيلي‘ هئي. ان کانپوءِ هيءَ پاڪستان ۾ اچي رهي، جتي هن ڪافي فلمن ۾ ڪم ڪيو. هن جي مشهور ڀارتي فلمن ۾: ’نيڪ پروين‘، ’لڪشمي‘، ’ادا‘، ’شهنائي‘، ’سرگرم‘، ’سنهري دن‘، ’دلربا‘، ’ساجن‘، ’نردوش‘، ’سکائي‘، ’ايڪٽريس‘، ’سوداگر‘، ’رنگيلي‘ وغيره. جڏهن ته پاڪستاني مشهور فلمن ۾: ’وحشي‘، ’شاليمار‘، ’رات ڪي راهي‘ ۽ ’مس 1956‘ وغيره اچي وڃن ٿيون. هن اقبال شهزاد سان شادي ڪئي ۽ فلمي دنيا کي هميشه لاءِ الوداع ڪري ڇڏيو.


لفظ ريحانهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو