رَسولي

رَسولي

تاندورن واري رسولي

تاندورن واري رسولي

سخت سرطاني رسولي

سخت سرطاني رسولي

شريانن واري رسولي

شريانن واري رسولي

غدودن واري رسولي

غدودن واري رسولي

رَسولي

رَسولي (Tumor Neoplasm): جسم اندر توڙي ٻاهران اوڄن (Tissues) جي غير فطري سوڄ (Abnormal Swelling) ۽ غير فطري واڌ کي رسولي (Tumor) چئجي ٿو. جڏهن اوڄن جي غير فطري واڌ لڳاتار ۽ تڪڙي ٿئي ته رسوليءَ جي اهڙي مهلڪ حالت Noplasm سڏبي آهي.
الف: رسوليءَ جون وصفون ۽ خاصيتون (Characteristic of tumor): اوڄن جي غير فطري واڌ (رسولي) ڪيترن به قسمن جي هجي ۽ ڪهڙي به هنڌ (عضوي تي) هجي، پر پنهنجي وصفن (خاصيتن) جي حساب سان هيٺين ٻن نمونن ۾ ورهايل هوندي آهي.
(1) بي ضرر يا اڻ روڳي رسوليءَ جي واڌ Benign tumor: هن قسم جي رسوليءَ جو اثر مقامي عضون جي مٿاڇري تي هوندو آهي. تنهنڪري هيءَ رسولي جسم جي ٻين حصن ڏي نه وڌندي آهي، پر هڪ هنڌ بيٺل هوندي آهي، پنهنجي خاصيت (بي ضرر هئڻ) ڪري ورلي روڳي (Maliqnant) بڻبي آهي، ان هوندي به هن رسوليءَ جو علاج ڪرائڻ ضروري آهي.
(2) مُهلڪ (روڳي) سرطاني رسوليءَ جي واڌ Malignant tumor: مهلڪ (روڳي) سرطاني رسولي پنهنجي خاصيت جي ڪري مهلڪ هوندي آهـي. هـڪ تـه هــن جـي واڌ لڳاتـار ۽ تـڪــڙي ٿـيـندي آهي ٻيو ته هـن قـسـم جي رسوليءَ جي واڌ چرٻيءَ وارن جيو گهرڙن (Epithilium cell) ۽ ڳنڍيندڙ اوڄن (Connective Tissues) مان اڀرندي آهي، تنهنڪري هن قسم جي رسولي ڪينسريائي (Cancereous) هوندي آهي. هن قسم جي رسوليءَ جي روڳي واڌ کي هميشه عضون جي غدُودَن (Glandular) جي جيوگهرڙن ۽ اوڄن جي حوالي سان نالا ڏنا ويندا آهن:
(ب) رسوليءَ جو علامتون Clinical Symptoms:
(1) بي ضرر (اڻ روڳي) رسولي (Benign Tumro)
(I) هن قسم جي رسولي (جي ڳوڙهي) آهستي آهستي واڌ کائيندي آهي.
(II) هيءَ رسولي (ڳوڙهي) تاندورن واري Fibrous ٿيندي آهي ۽ کوپي ۾ بند (Encapsulated) هوندي آهي.
(III) هيءَ رسولي (ڳوڙهي) ٻين عضون ڏانهن ڪانه وڌندي آهي (Non-metastases).
(IV) هن رسوليءَ جا جيوگهرڙا (Cell) ليبارٽري ٽيسٽ ۾ سندن بناوت ۽ ڪم سبب چڱيءَ طرح سڃاڻي سگهبا آهن.
(V) هن رسوليءَ جو علاج سؤلو آهي.
(VI) هيءَ رسولي ڇڏي وڃڻ کانپوءِ ٻيهر بنهه گهٽ ٿيندي آهي.
(2) مُهلڪ (روڳي) سرطاني رسولي (Malignant Tumor):
(I) هن قسم جي رسولي (جي ڳوڙهي) تڪڙو ۽ لڳاتار واڌ کائيندي آهي.
(II) هيءَ رسولي (جي ڳوڙهي) کوپي ۾ بند نه هوندي آهي.
(III) هيءَ رسولي هر هنڌان ٻين عضون ڏانهن واڌ کائيندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن هن رسوليءَ جي واڌ بي قابو به ٿي ويندي آهي.
(IV) هيءَ رسولي گهڻن طريقن سان ٻين عضون ڏانهن وڌندي آهي، جيئن مريض جي لعاب (Lymph) ۽ لعابي اوڄن (Lymphatic Tissues) ۽ مريض جي رت ۽ رت جي ناڙين (Blood Vessels) ذريعي ٻين عضون تائين پهچندي آهي ۽ اُتي هن قسم جي رسولي ٻي نئين واڌ ڪندي آهي.
(V) هن رسوليءَ جا جيو گهرڙا پنهنجي ڪم ۽ خاصيت جي حساب سان چڱيءَ ريت سڃاڻي سگهبا آهن، پر اها خبر آسانيءَ سان نه پوندي آهي ته هي ڪهڙي قسم جي روڳي رسوليءَ جا روڳي جيوگهرڙا آهن.
(VI) هي سرطاني رسولي علاج ڪرائڻ کانپوءِ به ٻيهر ٿي پوندي آهي. هيءَ رسولي علاج ڪرائڻ کانپوءِ ظاهري طرح ڇڏي ويندي آهي، پر ان جو اثر ۽ ان جا جيوڙا مريض جي رت ۾ موجود رهندا آهن، تنهنڪري سرطاني رسوليءَ جي هر هر ٿيڻ (Recurrent) جو امڪان موجود هوندو آهي.
(ٻ) رسوليءَ جا قسم (Types of tumors): رسوليون جسم جي ڪنهن به هنڌ، جيو گهرڙن، اوڄن ۽ عضون جي اندران ۽ ٻاهران نڪري سگهن ٿيون. اهو ئي سبب آهي، جو جنهن به هنڌ رسولي نڪرندي آهي، انهي هنڌ جي حساب سان ان کي نالو ڏنو ويندو آهي. هر قسم جون لڳ ڀڳ ڏيڍ سئو رسوليون ٿين ٿيون، تنهنڪري رسولين کي سندن خاصيت جي حساب سان درجي بندي ڪري بي ضرر (اڻ روڳي) رسولين ۽ مهلڪ (روڳي) سرطاني رسولين کي جدا جدا چئن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي:
(الف) بي ضرر (اڻ روڳي) رسولي ) Types of benign tumors)
(ب) رت جي ڳوڙهي يا شريانين (Arterial) جي رسولي (Angioma)
(ٻ) تاندورن واري رسولي (Fibroma tumor)
(پ ) چرٻيءَ واري رسولي يا گومڙ (Lipoma/Lypoma)
(V) هڏن جي رسولي يا گومڙ (Osteoma)
مهلڪ (روڳي) سرطاني رسوليءَ جا قسم (Types of Maliqnant Tumor)
(الف) سخت سرطاني رسولي (Scrrihus tumor): هن قسم جي رسولي سمورن قسمن جي مهلڪ سرطاني رسولين ۾ عام ۽ گهڻي ٿئي ٿي. هيءَ واڌ ويجهه ۾ گهڻو وقت وٺندي آهي. ڪن حالتن ۾ هن رسوليءَ جي وڌڻ ۾ سال به لڳي ويندا آهن. هن قسم جي رسوليءَ ۾ سُور به ٿيندو آهي، جيڪو چڪ (Drawing Pain) هوندو آهي، پر اهو هر وقت نه هوندو آهي. هيءَ رسولي ان ڪري به خطرناڪ آهي، جو ڀر وارن عضون جي جيوگهرڙن ۽ اوڄن تي به اثر ڪري انهن ۾ نئين رسولي پيدا ڪري وجهندي آهي.
(ب) ميڄالي جي مک جي شڪل جهڙي رسولي (Encephalioeltumor): هن قسم جي سرطاني رسولي مٿين رسوليءَ (Scrrihus Tumor) وانگر سخت نه، پر نرم هوندي آهي، جيئن جيئن هن قسم جي رسوليءَ ۾ واڌ ٿيندي آهي ته مريض جي جسم جي مٿاڇري وارين نسن (Superfacial Veins) ۾ پڻ واڌ ٿيندي آهي ۽ رسوليءَ واري جاءِ جو رنگ واڱڻائي (Purple) ٿي ويندو آهي (جيڪا هن قسم جي رسوليءَ جي مکيه علامت آهي). هن قسم جي رسولي نرم هئڻ ڪري ڳوهيل اٽي (Dough) وانگر محسوس ٿيندي آهي ۽ هن کي هٿن جي آڱرين سان ڦيرائڻ سان هيڏي هوڏي ڦرندي آهي. ڦاٽي پوڻ تي هن مان گهڻو ڪري ڪاري رنگ جو رت وهندو آهي. رسوليءَ جي واڌ (گومڙُ) گل جي شڪل Flower جهڙي هوندي آهي، تنهنڪري هن قسم جي سرطاني رسوليءَ کي ‘Rose cancer’ به چوندا آهن. هيءَ رسولي جتي به نڪرندي آهي ته اُها وڌي ۽ پکڙي وڏي ٿي ويندي آهي، ان ڪري رسوليءَ واري جاءِ ڳوري (وزندار) ٿيندي آهي. اهو ئي سبب آهي، جو هن رسوليءَ جا مريض جيترو بيماريءَ ڪري پريشان هوندا آهن، اوترو رسوليءَ جي وزن جي ڪري به پريشان هوندا آهن.
(ٻ) ڳوڙهن (غَدُودَن- Granulars) جهڙي رسولي (Adenoidtumor): هن قسم جي سرطاني (واڌ واري) رَسولي سخت ننڍڙين ڳوڙهين جي ڇُڳُن (Bunchs) ۾ هوندي آهي. رسوليءَ جون ڳوڙهيون رٻڙ جي بال وانگي محسوس ٿينديون آهن.
(IV) گوشت جي ٽڪري جهڙي رسولي (Sarcoma tumor): هيءَ سرطاني (واڌ واري) رسولي گهڻي خطرناڪ (مُهلڪ) هوندي آهي، ڇو ته هيءَ رسولي پاڙ (Root) هڻندي آهي ۽ اها پاڙ عضوي يا عضوي جي هيٺان تر ۾ يا هڏي تائين پهچي ويندي آهي. هيءَ رسولي تڪڙي ۽ لڳاتار واڌ کائيندي آهي. هيءَ رسولي هر حال ۾ ڪينسر هوندي آهي. هيءَ رسولي انهيءَ ڪري به خطرناڪ ٿيندي آهي، جو جراحي (Surgery) ڪرڻ ۽ رسوليءَ واري هنڌ کي ڪپي ڪڍي ڇڏڻ (Excision) کانپوءِ به ٿي پوندي آهي ۽ جاءِ مٽائي ٻئي هنڌ تي (Metastasis) نڪري پوندي آهي، جيڪڏهن ساڳئي هنڌ نڪرندي اهي ته تڪڙي واڌ کائيندي آهي ۽ اها واڌ ايتري ته گهڻي ٿيندي آهي، جو رسولي اڳي کان ٽيڻ تي وڏي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. هن قسم جي رسولي پنهنجي مهلڪ خاصيت جي ڪري مريضن لاءِ هر حال ۾ موت جو سنيهو کڻي ايندي آهي.




لفظ رَسوليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو