زمرد

زمرد

زمرد

زمرد (Emerald): معدنيات ۾ ’زمرد‘ پٿر، بيرل پٿر جي خاندان جو ميمبر آهي. هن جو رنگ چمڪندڙ سائو آهي. ان جي گهاٽائي بيرل جي نسبتي گھاٽائيءَ کان ٽيڻي آهي. زمرد جو ڪيميــائي فارمــولو 6(SIO3) Be3 Al2 آهي. زمرد ڪروميم جي ٿوري ملاوت جي ڪري سائو ٿئي ٿو. بيرل جا ڪرسٽل کاڻ مان ڇهه ڪنڊن قلمن جي صورت ۾ نڪرندا آهن ۽ گرينائيٽ ۽ پيگميٽائيٽ ٽڪرين ۾ چُن ۽ ابرق جي تهن ۾ لڀندا آهن.
زمرد، ڪولمبيا (آمريڪا '>ڏکڻ آمريڪا )، مصر، روس، مڊگاسڪر (ڏکڻ آفريڪا)، آسٽريليا، ناروي، هندستان ۽ پاڪستان ۾ لڀي ٿو. پاڪستان ۾ زمرد جي کاڻ سوات ويجهو منگوره وٽ آهي. هيءَ کاڻ 1957ع ۾ لڌي وئي هئي، جنهن مان وڏا ڪرسٽل (بلور) گھري سائي رنگ جا ۽ ننڍا ڪرسٽل خوش رنگ ۽ خوبصورت نڪرن ٿا، جيڪي دنيا جي سٺن زمردن ۾ شمار ٿين ٿا. هن کاڻ مان وڏي سائيز جي گهڻي زمرد نڪرڻ جو امڪان آهي. هندستان ۾ بيرل جا ساوا ڪرسٽل راجپوتانا جي ميواڙ علائقي مان لڀن ٿا. مصر ۾ زمرد جون کاڻيون ڳاڙهي سمنڊ جي ڪناري تي اسوان کان 15 ميل اندر سڪيت ۽ زبارا جبلن ۾ آهن. مصري زمرد کان سٺو زمرد روس جي يورال جبل مان لڀي ٿو. اتي زمرد جي کاڻ 1830ع ۾ لڌي هئي.
ڪولمبيا جي کاڻين مان دنيا جا خوبصورت ترين زمرد لڀن ٿا. انهن کاڻين مان ڪي ڪي ڪرسٽل بلڪل صاف ۽ بي عيب نڪرن ٿا، پر جيئن ئي کليل هوا ۽ روشنيءَ ۾ آندا وڃن ٿا ته هڪدم منجھن خرابي ٿي پوي ٿي. ڏکڻ آمريڪا ۾ برازيل جي باهيا بالي صوبي ۾ به 1913ع ۾ هڪ کاڻ دريافت ٿي، پر هتان نڪرندڙ زمرد ڪجھه هلڪي رنگ جا آهن.
مصنوعي زمرد سڀ کان اڳ جرمنيءَ ۾ 1930ع ۾ ٺاهيو ويو. ان کانپوءِ آمريڪا جي سي. ايف. چيٿم 1935ع ۾ هڪ قيراط وزني زمرد ٺاهيو ۽ ڏهن سالن اندر هو وڏي سائيز جي مصنوعي زمرد ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ هڪ نمائش ۾ هڪ هزار چوڏهن قيراط وزني زمرد پيش ڪري سگهيو. مصنوعي زمرد جو موڙانڪ قدرتي زمرد کان گھٽ ٿيندو آهي.
زمرد جي باري ۾ ڪافي عقيدا به مشهور آهن. مثلاً زمرد جو زيور پائڻ سان انسان مرگھيءَ کان محفوظ رهي ٿو وغيره.
هڪ راءِ موجب ڪنهن پٿر جون ٽي خاصيتون خوبصورتي، ڪاميابي ۽ پائداري گڏجي ان کي جواهر بڻائينديون آهن. خوبصورتي ان جي دلڪشي جو باعث بڻجي ٿي، ڪاميابي ان جي قدر قيمت وڌائي ٿي ۽ پائداريءَ سبب ان جي گسڻ يا ڀڄي پوڻ سان ان جي قيمت خطري ۾ نٿي پوي. الماس، ياقوت، زمرد ۽ نيلم اول درجي جا جواهر آهن. الماس ۽ ياقوت جهڙن جواهرن کان پوءِ زمرد کي ئي سڀ کان بهتر مقام حاصل آهي.


لفظ زمردھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو