زنگار

زنگار (وکر): پسارڪو وکر، جيڪو اٽي وانگر سائي رنگ جو ٽامي جي ڪٽ وانگر ٿئي ٿو. زنگار ٻن قسمن جو ٿئي ٿو. هڪڙو معدني، جيڪو ٽامي جي کاڻين مان نڪرندو آهي، ٻيو هٿرادو ٺهيل، جيڪو ٽامي کي سرڪي ۾ پسائي ٺاهيندا آهن. هيءُ زهريلو وکر آهي، ان ڪري فقط کل جي مرضن ۾ استعمال ڪندا آهن. حڪيمن موجب ماکي ۽ ارمني پوري سان ملائي مرهم ڪري رکجي ته بادفرند ۽ آتشڪ جي ساڙي لاءِ مفيد آهي.


لفظ زنگارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو