زينت

زينت

زينت

زينت

زينت

زينت

زينت

زينت (ڪتاب): هيءُ ڪتاب، سنڌ جي اديب، عالم، ترجمي نگار ۽ ناول نگار شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو طبعزاد ناول آهي، جنهن ۾ مسلم گھراڻي جي گهريلو زندگي، رهڻي ڪهڻي، زماني جي حالات جو بيان ۽ ناول جي سورمي زينت جي سيرت کي نهايت سهڻي انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي. هِن ناول ۾ ڪيترن ئي سنڌي اصطلاحن ۽ پهاڪن جو به استعمال ڪيو ويو آهي. هي مرزا قليچ جو ٻيو طبعزاد ناول آهي، جيڪو هن 37 سالن جي عمر ۾ 1890ع ڌاري لکيو. هيءُ سنڌي ادب جو هڪ شاهڪار ناول آهي. هِن ناول جو ٻيو ڇاپو سال 1925ع ۾ اسٽنڊرڊ پرنٽنگ ورڪس حيدرآباد، سنڌ مان ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪرائون سائيز ۾ ڇپيل 254 صفحن تي مشتمل هِن ڪتاب جي قيمت 0-4-1هئي. جنهن کانپوءِ هن ناول جا چار وڌيڪ ڇاپا به شايع ٿيا، جڏهن ته هن ئي ڪتاب جا چار وڌيڪ ڇاپا: 1973ع (ڇهون ڇاپو)، 1976ع (ستون ڇاپو)، 1984ع (اٺون ڇاپو) ۽ 1995ع (نائون ڇاپو) ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپائي پڌرا ڪيا آهن. آخري ڇاپي جي قيمت 30 روپيا آهي.


لفظ زينتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو