سئنيما

سئنيما

سئنيما

سئنيما

سئنيما

سئنيما (Cinema): سئنيما انگريزي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’تصوير گهر‘. هي لفظ ’سينماٽوگراف‘ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’چرندڙ تصوير‘ يا اهو اوزار، جنهن جي ذريعي تصويرون چرندي نظر اچن. هن کي ’بائسڪوپ‘ يا هموي به ڪري سڏيندا آهن. شروع ۾ خاموش يا گونگي سئنيما جو تصور هو، پر هاڻي چرندڙ تصويرن سان گڏ انهن جو ڳالهائڻ به ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، تنهنڪري سئنيما جو موجوده نالو آهي ٽاڪيز يعني چرندڙ ۽ ڳالهائيندڙ تصوير. هن حرفت جي ايجاد آمريڪا جي مسٽر ابڊسين جي هٿان ٿيل آهي. هن ڏٺو ته چرندڙ شين جون تصويرون جلدي جلدي ۽ لڳاتار هڪٻئي پٺيان سلسليوار ڪڍي ۽ انهن کي وري بجليءَ جي بتيءَ جي ذريعي ڪنهن سفيد پردي تي ڏيکارڻ سان ساڳيون چرندڙ تصويرون نظر ٿيون اچن. پهريائين اهي تصويرون گونگيون هونديون هيون، پر جڏهن فونوگرافيءَ جو فن اوج ۾ آيو ته فوٽوگرافي ۽ فونوگرافي ٻنهي ذريعي ماڻهن جي چپن جي چرپر سان گڏ سندن آواز جا به رڪارڊ ڀرجڻ لڳا. پهريائين ته هن فن کي رڳو کيل تماشي ۽ قدرتي نظارن جي نمائش لاءِ ڪم آندو ويندو هو، پر وڊيو ڪئميرا جي ايجاد کانپوءِ اڄڪلهه هر قسم جون علمي، فني ۽ تفريحي فلمون تيار ڪري سئنيما ۾ پيش ڪيون پيون وڃن.
برصغير ۾ سئنيما جي مختصر تاريخ: 1887ع ۾ هندستان جي هڪ فوٽوگرافر سُکارام ڀٽ واديڪر، لنڊن مان سئنيماٽوگرافيءَ جي ڪئميرا گهرائي ۽ پهرين گونگي فلم The Wrestlers ٺاهي، پر اها مقبول يا مشهور نه ٿي سگهي. بهرحال انڊيا ۾ پهرين گونگي فلم ٺاهڻ جو اعزاز داداجي ڦالڪيءَ کي حاصل ٿيو، جنهن 1913ع ۾ پهرين فيچر فلم ٺاهي، جنهن جو نالو ’راجا هريشچندر‘ هو، حالانڪ هن کان اڳ، مئي 1912ع ۾ شري آر. جي تور به هڪ فيچر فلم ’بسنت پنڊلڪ‘ ٺاهي هئي ۽ بمبئيءَ جي ڪارونيش ٿيئٽر ۾ نمائش به ٿي، پر اها ڏسندڙن تي پنهنجو اثر نه ڇڏي سگهي. اهو اعزاز دادا صاحب ڦالڪيءَ کي نصيب ٿيو. فلم راجا هريش چندر جي ڪاميابيءَ کانپوءِ ڪيترائي نوان فلمساز ميدان ۾ لهي پيا. 1926ع ۾ مهاتما گوتم ٻُڌ جي زندگيءَ تي ‘Light of Asia’ نالي فلم ٺهي، جنهن نه رڳو هندستان، پر سڄيءَ دنيا ۾ بيحد مقبوليت ماڻي، جپان جي شهنشاهه هيرو هيٽو ۽ چين جي ان وقت جي بادشاهه به اها فلم ڏٺي ۽ ٻنهي ان جي بيحد تعريف ڪئي. اها فلم لائيٽ آف ايشيا لاهور جي هڪ جج موتي، دهليءَ جي هڪ وڏي واپاري پريم ساگر ۽ اوائلي دؤر جي مک هيروئن ديوڪا راڻيءَ جي مڙس همانسو راءِ گڏجي ٺاهي هئي (ديوڪاراني، جنهن دليپ ڪمار کي فلم نگر ۾ متعارف ڪرايو هو).
ارتقا جو اهو سلسلو هلندو رهيو ۽ نيٺ گونگين فلمن جي جاءِ، ٽاڪي (آواز وارين) فلمن ورتي، 1931ع ۾ پهرين فلم ’عالم آرا‘ جي صورت ۾ سامهون آئي. عالم آرا رليز ٿيڻ کانپوءِ فلمي دنيا ۾ هلچل مچي وئي. ان وقت سڄي انڊيا ۾ لڳ ڀڳ 400 سئنيمائون وجود ۾ آيون، جيڪي اڪثر وڏن شهرن ۾ قائم ٿيون. ننڍين وسندين ۽ ڳوٺن ۾ گشتي سئنيمائن ۾ فلمون ڏيکاريون وينديون هيون.
پاڪستان ۾ سئنيما جو عروج: 36-1935ع ڌاري سنڌ ۽ پنجاب ۾ سئنيمائون ٺهڻ شروع ٿيون. لاهور جو لڪشمي چوڪ، ڪراچيءَ جو بندر روڊ ۽ حيدرآباد جو گاڏي کاتو ۽ ڦليليءَ وارو پاڙو سئنيمائن جو مرڪز بڻيا. ڪراچيءَ جي قديم سينمائن ۾ نگينه، ميجسٽڪ، رٽز، ريگل، تاج محل، امپائر (جنهن جو بعد ۾ ’قسمت‘ نالو پيو) جوبلي، راڪسي، ڪمار، پيلس، ڪيپيٽل، ناز، ريڪس، ريو، پيراڊائيز، نشاط ۽ خيام جا نالا اچي وڃن ٿا. انهن مان هن وقت صرف ڪمار ۽ نشاط موجود آهن. نشاط سئنيما جو افتتاح، محترمه فاطمه جناح، 1947ع ۾ ڪيو هو، جڏهن ته بمبينو، پاڪستان جي پهرين 70 م. م اسڪرين رکندڙ سئنيما هئي، جنهن جو افتتاح، 1967ع ۾ صدر ايوب خان هٿان ٿيو هو. هيءَ سئنيما صدر پاڪستان آصف علي زرداريءَ جي والد حاڪم علي زرداري جي هئي. باقي سئنيمائون پلازائن ۾ تبديل ٿي ويون. گهڻو پوءِ ٺهندڙ ڪيپري ۽ پرنس سئنيمائون اڃا هلن پيون. باقي سئنيمائون، جن جو تعداد 100 کان مٿي هو، هڪ هڪ ٿي ڊهنديون ويون. حيدرآباد جي قديم سئنيمائن: پرڀات (جنهن جو بعد ۾ ’شمس‘ سئنيما نالو پيو)، نيو ميجسٽڪ، فردوس، ايلائيٽ، قيصر، راحت، نشاط، نورمحل، شهاب، چراغ محل، شاهين، ڪوهه نور، چاندني، اوڊئن، ڪيپري، هل ٽاپ، سنگيت، بمبينو، شاليمار ۽ وينس شامل آهن. اهڙيءَ طرح ميرپورخاص ۾ پيلس، تصوير محل ۽ پاشا، نوابشاهه ۾ نشاط ۽ ريگل، سانگهڙ ۾ وينس ۽ اسڪالا، شهدادپور ۾ فيض ۽ شاهين، لاڙڪاڻي ۾ امپائر، روهڙي سکر ۾ ريجنٽ، شاليمار، حفيظ، امپيرئل، پيراڊائيز ۽ نشاط، جيڪب آباد ۾ سهڻي، ڪيپيٽل سئنيما، شڪارپور ۾ ناز، پلازه ۽ افشان، دادو ۾ تاج محل، ٽاڪيز مشهورسئنيمائون هيون، جيڪي آهستي آهستي بند ٿي ويون. هنن مان هاڻي ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ بچيون آهن. سڄيءَ سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن: ٽنڊي محمد خان، ماتلي، ڪنڌڪوٽ، نوشهري فيروز، دادو، سڪرنڊ، ڊگهڙي، جيمس آباد، پني عاقل، بدين، ٽنڊي آدم، هالا، بدين ۾ سئنيمائون هيون، جيڪي بند ٿي ويون. 95-1990ع تائين پاڪستان ۾ هزار کن سئنيمائون هيون، جن مان 300 جي لڳ ڀڳ سنڌ ۾، 500 کن پنجاب ۾، ۽ باقي خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ هيون.
هن وقت هڪ محتاط اندازي موجب سڄي ملڪ ۾ رڳو اڍائي سئو سئنيمائون مس بچيون آهن، سي به انگريزي ۽ نين ڀارتي فلمن جي ڏڍ تي مڙوئي تڳن پيون. درسگاهون، لائبرريون، فلم، ميوزڪ ۽ ٿيئٽر وغيره جيڪي ذهني آبياريءَ جا وڏا مرڪز هئا، علم ۽ ادب جا مؤثر ترين ٽولز هئا، انهن کي مختلف بهانن سان بند ڪيو ويو. مثال طور: هتي ڀارتي فلمن تي اهو چئي بندش وڌي وئي ته اهي اسان جي تهذيب خراب ڪن ٿيون ۽ هندوازم اسان تي اثر انداز ٿئي ٿو، پر هاڻي سيٽلائيٽ ذريعي پاڪستان جي گهرن ۾ ڀارتي ڊراما ۽ فلمون شوق سان ڏٺا پيا وڃن.
سئنيما جي عروج واري دؤر ۾ مڌوبالا، ثريا، نرگس، مينا ڪماري، گيتا بالي، دليپ ڪمار، اشوڪ ڪمار، راجڪپور، ديو آنند ۽ بلراج ساهني پنهنجي وقت جا مشهور اداڪار هئا.
ڊائريڪٽرن ۾ محبوب، گرودت، بمل لاءِ ۽ ايس. يوسنيءَ انقلابي ۽ يادگار فلمون تخليق ڪيون، جن اقتدار جي ايوانن ۾ ٿرٿلو ۽ معاشري ۾ هلچل مچائي ڇڏي. ٻئي پاسي انگريزي فلمن ۽ ساڻن وابسته ايڪٽرن ۽ ڊائريڪٽرن به هڪ طوفاني انقلاب آندو ۽ ماڻهن جون زندگيون بدلجي ويون. ريٽا هيورٿ (جنهن سان پرنس علي آغا خان پوءِ شادي ڪئي)، ويون لي، هيڊي لامار، گريٽا گاربو، جينا لو لو بر جيڊا، مارلن منرو، ايلزبيٿ ٽيلر، صوفيه لارين ۽ ايواگارڊنر، مرد ايڪٽرن ۾ اسٽيومڪ ٽوئن، ڪلارڪ گيبل، مارلن برانڊو، گريگوري پيڪ ۽ انٿوني ڪوئن، فلمي دنيا ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو.
دنيا جا مشهور ناول ۽ هسٽاريڪل واقعا انگريزي فلمن ذريعي عوام تائين پهتا.
روس جا ليو ٽالسٽاءِ، دوستو وسڪي، فرانس جو وڪٽر هيوگو، انگلنڊ جا شيڪسپيئر ۽ اميلي برونتي، يورپ، آمريڪا جا وڏا ليکڪ هئا، جن جا ناول فلمن ذريعي عوام تائين پهتا.


لفظ سئنيماھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو