ساروڻيون

ساروڻيون

ساروڻيون

ساروڻيون (ڪتاب): هي ڪتاب مشهور ڪهاڻيڪار ۽ نقاد، ڊاڪٽر قاضي خادم جي ساروڻين تي مشتمل آهي. سندس يادگيرين تي لکيل پهرئين ڪتاب ’دل جي دفتر مان‘ (جنهن کي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ طرفان بهترين سوانحي ادب ۽ اڪيڊمي آف ليٽرس طرفان شاهه عبداللطيف اوارڊ ڏنو ويو) جي ڪامياب اشاعت کانپوءِ هي سندس ٻيو ڪتاب آهي. هي يادن جو هڪ اڻکٽ سلسلو آهي، جيڪو قاضي خادم مسلسل قلمبند ڪري رهيو آهي. يادگيرين جي هن نئين ڪتاب ۾ قاضي صاحب جي خاندان سان لاڳاپيل هالا پراڻا ۽ حيدرآباد جي باري ۾ يادگيرين جو مواد ڪجهه سوايو آهي. ان ڪري هن ڪتاب ۾ اسان کي سنڌ، خاص ڪري حيدرآباد ۽ هالا پراڻا جي جيئرن جاڳندڙ انسانن جي سماجي زندگيءَ جو احوال ملي ٿو. قاضي صاحب جو چوڻ آهي ته ’دل جي دفتر مان‘ (ڪتاب) کانپوءِ هالا پراڻا جي نئين جنريشن کيس سڃاڻڻ لڳي آهي. هن ڪتاب مون کي پنهنجي ڳوٺ هالا پراڻا ۽ هالا پراڻا جي قاضي محلي ۾ مڃتا ڏياري، جيڪا منهنجي قلمي ۽ فڪري پورهئي جو سڀ کان وڏو اعزاز آهي.
آءٌ چئي سگهان ٿو ته منهنجي گهر وارا هن ڪتاب کانپوءِ مون کي سڃاڻي سگهيا آهن ۽ مون کي فخر آهي ته ڪو به ائين نه ٿو چئي سگهي ته مون پنهنجي ماضيءَ جي باري ۾ جيڪي لکيو آهي، تنهن ۾ تر جيتري کوٽ آهي. اهو ئي فخر جو احساس منهنجي سڄيءَ زندگيءَ جو حاصل آهي. قاضي صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته ساروڻيون به جيئريون جاڳنديون يادون آهن ۽ جيئن ته يادن ۽ خوابن کي ايڊٽ نه ٿو ڪري سگهجي، تنهنڪري اهي بنا ايڊٽ ڪئي يا ترتيب ڏني، جيئن ۽ جڏهن ذهن ۾ آيون آهن، تيئن اوريجنل شڪل ۾ قلمبند ڪري شايع ڪري رهيو آهيان.
ڊيمي سائيز جي 328 صفحن ۽ ڪيترين ئي رنگين ۽ بليڪ اينڊ وائيٽ تصويرن سان سينگاريل هي ڪتاب ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد، 2009ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. پڪي جلد واري هن خوبصورت ڪتاب جي قيمت 350 روپيا آهي.


لفظ ساروڻيونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو