ستاوڙو

ستاوڙو: شاديءَ کانپوءِ جي هڪ رسم. ’ستاوڙي‘ لفظ جي لغوي معنيٰ آهي ته ”شاديءَ جي ستين ڏينهن ڪنوار جي پنهنجن پيڪن جي گھر ۾ پهريون ڀيرو وڃڻ جي رسم“. پرڻجڻ کانپوءِ ستين ڏينهن ڪنوار، ميٽ ۽ تيل سان وهنجي نئون وڳو پائيندي آهي. ستاوڙي تي گھوٽ پنهنجي ڪنوار کي سندس پيءُ ماءُ جي گھر وٺي ويندو آهي. ان موقعي تي دعوت ڪئي ويندي آهي، جتي ڪنوار جا سمورا مٽ مائٽ اچي گڏ ٿيندا آهن ۽ ڪنوار سان ملاقات سان گڏوگڏ کل ڀوڳ ۽ خوشيءَ جا لمحا ونڊيندا آهن.


لفظ ستاوڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو