ستوليا

ستوليا

ستوليا

ستوليا (راند): هيءَ راند گهڻو ڪري ڇوڪريون کيڏنديون آهن. ڪڏهن ڇوڪرا به گڏجي کيڏن ٿا. هن راند ۾ ٻه ٽوليون هونديون آهن. ٻئي ٽوليون ٻارهن قدمن جي فاصلي تي بيهنديون آهن ۽ وچ تي ست ٺڪريون هڪ ٻئي مٿان رکيون ويندون آهن. پوءِ انهن مان هڪ ٽولي مان ڇوڪريون واري واري سان بال/ کينهوڙي سان ٺڪرين کي ڌڪ هڻي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪنديون. ٻئي طرف واري ٽولي ان بال کي جهٽڻ جي ڪوشش ڪندي. بال جهٽجي پيو ته آڳ ڏيندڙ ٽوليءَ جي اها ڇوڪري کاپي ويندي ۽ ٻي وارو وٺندي، پر جي بال سان ٺڪريون ڪِري پيون ته پوءِ انهن کي ٻيهر هڪ ٻئي مٿان رکڻ جي ڪوشش ڪندي، ان دوران ٻي ٽولي بال کڻي ٺڪريون رکندڙ ان ڇوڪريءَ کي هڻندي. بال لڳي ويو ته کاپي ويندي، نه ته وري آڳ ڏيندي. ائين ٽوليءَ جي هر هڪ ڇوڪري ڪندي جيستائين ٺڪريون رکجڻ واري عمل دوران ان ڇوڪريءَ کي بال نه لڳندو، تيستائين راند جاري رهندي. بال لڳڻ جي صورت ۾ ٻي ٽولي آڳ ڏيندي. سنڌ ۾ هن راند کي ’ٺڪرين راند‘ به سڏين ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو