سرمست13

سرمست13

سرمست13

سرمست 13: سمرست جي 13 ڪڙي به محمد علي حداد جي ترتيب ڏنل آهي. گذريل سال جي ادبي ڪانفرنس جي تصويري جهلڪين کانپوءِ هيٺيان مقالا ڏنا ويا آهن: (1) آري اَچين شال (حميد سنڌي)، (2) فقير محمد صالح فاروقي (ڊاڪٽر نواز علي شوق)، (3) سچل جو سنيهو (ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر)، (4) سچل جا آدرشي انسان (ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو)، (5) سچل جو سارنگ (دادا سنڌي)، (6) انيس المساڪين ۾ درازي درويشن جو ذڪر (غلام محمد لاکو)، (7) سچل جو اڻ ڇپيل مواد (خادم عـباسـي)، (8) والي وسائيج، دردمـنديءَ جـو ديـس (نصرت حسين ابڙو)، (9) اپنشدن ۽ سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ خدا جو تصور (مظفر نظام)، (10) سچل جو انسانيت لاءِ نظريو (امام راشدي). هن پرچي ۾ ٽي خاص مقالا به ڏنا ويا آهن: (1) نماڻو فقير ۽ سندس ڪلام (ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي)، (2) سچل جي ڪلام ۾ عشق حقيقيءَ جو عنصر (ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي ۽ (3) سچل سرمست تي ببليو گرافي محمد علي حداد.
ڊيمي سائيز جي 128 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب ڪڙي 1993ع ۾ ڇپجي ظاهر ٿي، جنهن جي قيمت 35 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو