سرهيو

سرهيو

سرهيو

سرهيو (Lebeo Gonuis): سرهيو ڇيلري مڇي ۾ شمار ٿئي ٿو. عام سرهيو پاءُ ڏيڍ جي وزن جو ٿيندو آهي. آنيءَ جي مند ۾ وڌ ۾ وڌ وزن ۾ اڌ ڪلو ٿيندو. جڏهن منڇر ۾ تازو پاڻي جام هوندو آهي ته هيءَ مڇي وڏا وڏا خوشيءَ يا موج مان ٽپا ڏيندي آهي. سرهيي مڇيءَ جي آني سندس بت ۽ وزن جي بناوت کان وڏي ٿئي ٿي. هن جا ڇلر سنها ٿيندا آهن. گندڻ وانگر پٺيءَ ۾ ڪنڊا گهڻا ٿينس. سرهيو مڇي درياهه ۾ ڪانه ٿئي، رڳو ڍنڍن ۾ ٿيندي آهي، هن کي ’سِريو‘ ۽ ’سَريو‘ به چوندا آهن. هيءَ آبي گاهه تي گذر ڪندي آهي، ننڍي مڇي ۽ جيت جڻيا به کائيندي آهي. هيءَ مڇي تري کائڻ ۾ وڌيڪ لذيذ ٿئي ٿي، جو هن جا ڪنڊا ڀرڪڻا ٿين ٿا. شڪل ۾ رڙيءَ جهڙي ٿئي ٿي. مگر هن جي جسم تي ڇلر گهڻا ۽ سنها ٿين ٿا. هن جي منڍي سندس جسم جو 20% والاري ٿي. هن جو وات ننڍو ۽ ڪي قدر هيٺ ڪُنڊن تي کلندو آهي. هن جا چپ جهالر وانگر هوندا آهن. وات وٽ چار مڇون ۽ پڇ وارو کنڀڙو وڏو ٿئي ٿو، ان ۾ 15 کان 19 تائين سيلهه وانگر ڳتيل ۽ مليل ڪنڊا ٿين ٿا. ڪرنگهي وٽ وڏو کنڀڙو، ڪنهڙ جي هيٺان ٻنهي پاسي سنها، پر ڪي قدر وڏا پنکڙا ٿيندا اٿس. هن مڇيءَ جو رنگ پڇ واري پاسي هلڪو ساواڻ مائل، پاسن کان هلڪو اڇو باقي چانديءَ وانگر چلڪڻو ٿيندو آهي. هن جو پڇ ٻه شاخو، پر منڍيءَ جي نسبت سان وڏو ٿيندو آهي. هن جي خوراڪ آبي ٻوٽا، جيت جڻيا ۽ ننڍيون مڇيون آهن. هن مڇيءَ جي ڊيگهه فوٽ کن ٿيندي آهي، پر عمر ۽ حالتن موجب گهٽ وڌ ٿي سگهي ٿي.


لفظ سرهيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو