سلاجيت

سلاجيت

سلاجيت

سلاجيت (Salajeet): سلاجيت هڪ قدرتي ڪيميائي مرڪب آهي، جنهن کي آيرويدڪ ۾ هر بيماريءَ لاءِ اڪثير ۽ طلسمي خاصيتون رکندڙ وکر سمجھيو وڃي ٿو. هماليه جا جوڳي ان کي ڀڳوان پاران هڪ قسم جو تحفو سمجھن ٿا، جو ان جي استعمال ڪرڻ سان ڪيترين بيمارين کان نجات سميت انسان اهڙو سدا بهار رهي ٿو، جو انساني جسم کي جبل جيان مضبوط ۽ پيرسنيءَ بجاءِ سدا جواڻ جماڻ رکي ٿو. سلاجيت کي موميجو (Mumijo) ۽ موميا (Momia) يا سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ ’هماءِ‘ نالي سان سڏجي ٿو، جيڪو گھاٽو، چيڙهالو، ڏامر جهڙو، رنگ ۾ سفيد ۽ گهرو ناسي ٿي سگھي ٿو. پاڪستان ۾ گلگلت بلتستان جي جبلن سميت ڪوڪيسيس (Coucasus) ڏکڻ اوڀر يورپ ۾ جبلن جو هڪ سلسلو، التائي (Attai، منگوليا- چين ۽ ڪاغستان- روس) ۽ تبت جي جبلن مان به لڀي ٿو. انڊيا ۽ روس ۾ سلاجيت جي ڪيميائي جوڙجڪ تي گھڻي زماني کان وٺي تحقيق هلي رهي آهي، سلاجيت ۾ موجود ڪيميائي مادن ۾ ان جي ملندڙ هنڌ جي نسبت سان گھڻو فرق ٿئي ٿو، جڏهن ته منجھس 85 قسمن جي معدنيات، نباتاتي کؤنر ۽ دال ۾ ٿيندڙ تارپين (Triterpenes)، هيومڪ (Humic) تيزاب ۽ فلوڪ به ٿئي ٿو، ڪوڪيس ۾ التائي جبلن مان لڀندڙ سلاجيت کي موميجو سڏيو وڃي ٿو.
سلاجيت اصل ۾ سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ مان نڪتل آهي ۽ ان جي معنى ’جبل جهڙو‘ آهي. سلاجيت کي انگريزيءَ ۾ معدني دال، (Mineral Pitch)، معدني ميڻ (Mineral Wax)، معدني لوڻ (Mineral Oil) پٿر جي تيل ۽ پٿر جي پگھر جي نالن سان لاطينيءَ ۾ ائسڦالٽم پنجابيئنينم نالي سان سڏجي ٿو. سلاجيت لاءِ سمجھيو وڃي ٿو ته جبل جي چيرن ۽ ڦاٽن مان سج جي تپش سبب وهي پوي ٿو. موميجو اصل ۾ يوناني لفظ تان ورتل آهي ۽ ان جو ارسطو ۽ ابن سينا هڪ روڳ ماريندڙ ۽ محرڪ جون خاصيتون رکندڙ طور ذڪر ڪيو آهي. ڪيترا سائنسدان عام مقامي ماڻهن جي ان ڳالهه سان سهمت آهن ته هنن ڪيترن زخمي جانورن کي بار بار اهڙين غارن ۾ ويندي ڏٺو آهي، جتي موميجو ٿئي ٿو ۽ ان رستي هنن سلاجيت ڳولي لڌو آهي. سلاجيت جي اصليت ۽ خاصيت بابت مقامي ماڻهن وٽ ڪيتريون ئي لوڪ ڪٿائون آهن، جيڪي گھڻيون وڌائي ٻڌايون وڃن ٿيون. جيڪڏهن سلاجيت غلاظت کان آجو ۽ نج هجي ته ناسي ڪاري لئي جهڙو، چمڪندڙ مٿاڇري سان، هڪ مخصوص بوءِ وارو ۽ ڪڙي سواد سان ٿئي ٿو، پلاسٽڪ جيان ورتاءُ ڪري ٿو، 20 ڊگري سينٽي گريڊ کان گھٽ گرمي پد تي نهرو ۽ گرم ڪرڻ سان نرم ٿي وڃي ٿو، پاڻيءَ ۾ سولائيءَ سان ڳري وڃي ٿو، اڱرين ۾ مهٽڻ سان نرم ٿي وڃي ٿو ۽ هڪ ڊگھي عرصي تائين رکي سگھجي ٿو.
سائنسدان اڃا تائين فيصلو نه ڪري سگھيا آهن ته سلاجيت اصل ۾ هڪ حياتياتي (Biological) وکر آهي يا يا معدني جو منجھس ڪيترن قسمن جي وٽامنن ۽ امينو تيزاب جا نشان موجود آهن. ائنٽ آرڪٽيڪا مان حاصل ٿيندڙ سلاجيت ۾ گليسورول جا بنياد موجود آهن ۽ سمجھيو وڃي ٿو ته ان ۾ به طبي خاصيتون موجود آهن.


لفظ سلاجيتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو