سنا

سنا (Cassia Auguslizolia)/Senna: هي هڪ قسم جو ٻوٽو آهي، جيڪو حڪمت جي ڪم اچي ٿو. هن ٻوٽي جو سٺو قسم حجاز مقدس م ٿئي ٿو. ان ڪري ’سنا مڪي‘ پڻ سڏيو ويندو آهي. هي ٻوٽو قد ۾ ماڻهو جيڏو ٿيندو آهي. هن جا پن گهوٽي مختلف دوائن ٺاهڻ ۾ ڪم آندا ويندا آهن. هن مان ٺهيل دوا قبضي جي بيماري لاءِ خاص استعمال ڪئي ويندي آهي. ان کانسواءِ ٻين ڪيترين ئي بيمارين جي دوائن لاءِ هن ٻوٽي جو استعمال ٿئي ٿو.


لفظ سناھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو