سنسڪرت

سنسڪرت

سنسڪرت لپي

سنسڪرت لپي

سنسڪرت

سنسڪرت (Sanskrit): سنسڪرت هندستان جي ڪلاسيڪي ٻولين ۾ شمار ٿئي ٿي، جنهن ۾ جينين، ٻوڌين، هندن ۽ سکن جا پاڪ ڪتاب لکيل آهن. هيءَ ٻولي هندستان جيي ٽيويهون (23) نمبر سرڪاري ٻولي آهي، جڏهن ته نيپال ۾ به هن ٻوليءَ کي سرڪاري ٻوليءَ جو درجو حاصل آهي، جيئن يورپ ۾ يوناني ۽ لاطيني ٻوليون وڏي اهميت واريون ۽ پنهنجي تاريخ رکن ٿيون، ائين ڏکڻ ايشيا ۾ سنسڪرت زبان کي مذهبي ۽ سماجي حيثيت حاصل رهي آهي. هن ٻوليءَ جو وجود 1700 ق. م ۾ ملي ٿو، جنهن ۾ ويد لکيا ويا. ڪلاسيڪي سنسڪرت ۾ رگويد لکيو ويو، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو سنڌونديءَ جي ڪناري تي لکيو ويو هو، جيڪو سنسڪرت زبان جو شاهڪار ڌرمي گرنٿ آهي، پوءِ جي لکيل ويدن (سام ويد، يجر ويد ۽ اٿر ويد) جي ٻولي مختلف آهي. سنسڪرت هندو ڌرم جي پوتر ٻولي آهي، جنهن ۾ گيت ۽ منتر لکيا پڙهيا وڃن ٿا. پاڻيڻي جهڙي عالم هن ٻوليءَ جو گرامر 500 ق. م ۾ جوڙيو هو.
لفظ سنسڪرت جي معنيٰ آهي ’سُڌاريل‘. سنسڪرت مقامي پراڪرت يعني ’اصلوڪي‘/ فطري ٻولين مان نڪتل آهن. پراڪرتون، هندي، نيپالي، آسامي، مرهٽي، ڪونڪڻي، اردو ۽ بنگالي وغيره جون مائرون آهن. سنسڪرت تي دراوڙي ٻولين جو به گهڻو اثر آهي. عالم هن ٻوليءَ کي ٻن حصن ۾ ورهائين ٿا: (1) ويدي سنسڪرت،
(2) ڪلاسيڪي سنسڪرت. جيتوڻيڪ ٻنهيءَ ۾ ڪو خاص فرق نه آهي، سواءِ لفظن، اُچارن ۽ ٿوري گهڻي سٽاءَ جي، ڇو ته ويدي سنسڪرت پراڻي هئي ۽ سنڌوءَ جي ڪناري تي ويهي هتان جي ماڻهن اُن ٻوليءَ ۾ پنهنجا ويچار ونڊيا هئا. اها شاعري/ ڪاويه هئي، پر بعد جي سنسڪرت ۾ ڪافي ٻيا لفظ شامل ٿي ويا. پاڻيڻي گنڌار (هاڻوڪي ٽيڪسيلا) ۾ ويهي سنسڪرت جي اٺن باب جو گرامر جوڙيو هو. ڪلاسيڪي سنسڪرت ۾ رامائڻ ۽ مهاڀارت (ڪتاب) لکيا ويا، جيڪي نيم تاريخي داستان آهن. ٻوڌين جا ابتدائي نوشتا به سنسڪرت ۾ لکيل آهن، پر پوءِ اهي پالي ٻوليءَ ۾ لکيا ويا، ڇو ته سنسڪرت پوتر ۽ عام ماڻهوءَ لاءِ ’منع ڪيل‘ ٻولي هئي، گهٽ ذات وارن لاءِ سنسڪرت ڳالهائڻ تي بندش پيل هئي، جيڪا ڳالهه ٻوڌين لاءِ ناقابل قبول هئي، ان ڪري سنسڪرت کي ’آسماني ٻوليءَ‘ جو درجو ملڻ ڪري سنسڪرت لاءِ نقصان جو سبب بني.
هن ٻولي ۾ 48 آواز آهن، جن مان 35 وينجن طور ڪم اچن ٿا ۽ 13 اکر سُر يا لاڪنائون (Vowels) آهن. هيءَ ٻولي ديوناگري لپيءَ ۾ لکي وڃي ٿي.
سنسڪرت لپي: هندستان جي ڪلاسيڪي ٻولي سنسڪرت هاڻي ديوناگري لپيءَ ۾ لکي وڃي ٿي.
هيءَ ٻولي 19 صديءَ جي شروعات کان ديوناگري لپيءَ ۾ لکي وئي، جيڪا برهمي لپيءَ مان نڪتل آهي، پر ان کان اڳ هيءَ ٻولي مختلف لپين ۾ لکي ويندي هئي؛ جن ۾ برهمي خط، کروشتي خط، سرادا خط، سڌام خط ۽ بنگالي خط شامل آهن. 18 صديءَ جي آخر ۾ ڪجهه وقت سنسڪرت ٻولي لاطيني خط ۾ به لکي ويندي هئي. هن لپيءَ ۾ سنسڪرت لکڻ لاءِ 18 سر يا لاڪنائون (Vowels) ٿين ٿيون،جڏهن ته سنسڪرت کي پنهنجا 13 سُر آهن ۽ وينجنن جو تعداد 35 آهي، جڏهن ته ديوناگري لپيءَ ۾ ڪجهه وينجن ۽ سُر اضافي آهن.


لفظ سنسڪرتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو