سهول

سهول (ذات): سهول مسلمان سماٽ ذات آهي. ڪن علائقن ۾ سرائي ۽ جٽ به سڏجن ٿا. اصل ۾ هي هندستان جي علائقي ديره دون جا رهاڪو هئا، جتان انگريزن سان مهاڏو اٽڪائڻ سبب ديري غازي خان ۾ اچي ويٺا، جنهن کانپوءِ سنڌ جي ڪجهه علائقن ڏانهن به پکڙيا. هنن جو وڏو سردار سهو خان هو، جنهن کانپوءِ ان جو اولاد ’سهول‘ جي نالي سان مشهور ٿيو. هي پنهنجي نالي اڳيان مهر لڳائن ٿا، جيئن مهر گل محمد سهول، ۽ مهر نظر حسين سهول وغيره. هنن جا ڪجهه پاڙا تعلقي ميهڙ ۾ به ويٺل آهن، جيڪي سرائيڪي ڳالهائين ٿا.


لفظ سهولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو