سونهري

سونهري (ديهه): هيءَ ديهه، ڳوٺ حاجي ولي محمد شاهه، نزد ڊگهڙي، تعلقي ميرپورخاص ۾ آهي. هتي هڪ قديمي ڀڙو پڻ آهي. انگريزن جي زماني ۾ ڳوٺ سونهريءَ ۾ ڌاڙو لڳو هو، جنهن جو الزام صوفي فقير جي بزرگ شخصيت، صوفي قلندر بخش تي هنيو ويو هو، ڪيس هليو، پر مٿس اهو الزام ثابت نه ٿيو. اهو واقعو اڄ تائين مشهور آهي. سونهريءَ ۾ اڳي هندو سونارا رهندا هئا. هن وقت سونهريءَ ۾ سيد حاجي گل حسن شاهه ولد حاجي اجن شاهه، حاجي روشن علي شاهه ۽ ولي محمد شاهه ولد حاجي جلال شاهه وارا زميندار توڙي رضوي سادات رهندڙ آهن. موجوده حاجي گل حسن شاهه جو پڙڏاڏو گل حسن شاهه، انگريزن جي دور ۾ اها زمين آنٻي (ڀارت) جي سيشن ڪورٽ ۾ بنا وڪيل جي وڪالت ڪري ستن ٻولين ۾ درخواست ڏئي حاصل ڪئي هئي.


لفظ سونهريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو