سويابين

سويابين

سويابين

سويابين (Soybean): سويابين، هڪ اهم کاڄرو تيل جو فصل آهي، جنهن کي ’بوهي چڻا‘ به سڏيو وڃي ٿو. هن جي پوک بهار ۽ خريف جي مندن ۾ ڪئي وڃي ٿي. سويابين جي ٻج ۾ اٽڪل 25 کان 37 سيڪڙو لحميات آهن. سويابين جي تيل ۾ 54 سيڪڙو لنولڪ ائسڊ ملي ٿو. جيڪو صحت لاءِ بهتر آهي. سويابين جي کڙ مان ڪڪڙين لاءِ چوڳو ۽ گهرو جانورن جو چارو ٺاهيو وڃي ٿو. سويابين جو بهار وارو فصل 15 فيبروريءَ کان 15 مارچ تائين پوکي سگهجي ٿو. جيڪو مئي ۾ لاباري لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو، جڏهن ته خريف جو فصل جون مهيني ۾ پوکبو آهي ۽ آڪٽوبر ۾ لابارو ڪبو آهي. سويابين ٻٽي فصل طور به پوکي سگهجي ٿو.
سويابين لاءِ زمين جي چونڊ: سويابين جي فصل لاءِ زمين مٺي هئڻ گهرجي، هن فصل جي پوک ڪلراٺي ۽ هيٺاهين زمين ۾ نه ڪرڻ گهرجي. سويابين پوکڻ لاءِ پهرين زمين کي اونها هر ڏئي، ڀتر ڀڃي سنوت ۾ آڻبو آهي ۽ ڏهنڏهن ويسن جا ٻارا تيار ڪبا آهن. هن فصل لاءِ جون جي پهرئين هفتي کان ريج شروع ڪبو آهي ۽ جڏهن زمين وَٽَ تي ايندي آهي ته پوءِ ٻه ٽي هر ڏئي پاٽيو گهمائي زمين کي پوکيءَ لاءِ تيار ڪبو آهي. سويابين جون ٻنهي موسمن ۾ آڳاٽيون جنسون پوکڻ گهرجن.
سويابين جي پوکي ۽ پيداوار: سويابين جو خريف وارو فصل پوکڻ جو صحيح وقت، جون مهينو آهي. جڏهن ته پاڇاٽي سويابين پوکڻ سان في ايڪڙ پيداوار گهٽ لهندي ، سويابين جو بهار وارو فصل 15 فبروريءَ کان 15 مارچ تائين ڪاميابيءَ سان پوکي سگهجي ٿو. ان ڪري فبروريءَ جو مهينو سويابين جي پوکڻ لاءِ موزون آهي. هن کي گڏيل پوک يعني: ڪمند، وونئڻ ۽ مڪئيءَ سان گڏ ٻٽي فصل طور پوکي سگهجي ٿو. سويابين جي پوک ناڙيءَ رستي ڪبي آهي. قطارن جو مفاصلو 30 کان 45 س. م هئڻ گهرجي ۽ 30 ڪلوگرام في ايڪڙ ٻج پوکڻ گهرجي، جڏهن ته ٻج جي پوکيءَ جو دارومدار ان جي جسامت ۽ ڦوٽهڙي جي صلاحيت تي هوندو آهي. سويابين جي فصل کي 5 کان 6 پاڻي ڏيڻ گهرجن. جڏهن ته هن فصل کي پهريون پاڻي پوکيءَ کان 30 ڏينهن بعد ڏيڻ گهرجي ۽ باقي پاڻي 15 ڏينهن جي وقفي سان ڏيڻ گهرجي، سويابين جي پچڻ جو دارومدار فصل جي جنسن ۽ پوکيءَ واري وقت تي آهي. هن فصل جون ڦريون ساواڻ کان پيلاڻ ڏانهن مائل ٿين ٿيون، جڏهن ته سويابين مان 800 کان 1000 ڪلوگرام في ايڪڙ پيداوار وٺي سگهجي ٿي، جڏهن ته بهار وارو فصل سراسري پيداوار 20 مڻ في ايڪڙ تائين ڏئي ٿو.


لفظ سويابينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو