سوڍا

سوڍا (ذات): سوڍا راجپوت سنڌ ۽ هند جا رهاڪو آهن، جن مان ڪي خاندان سنڌ جي عمرڪوٽ، ٿرپارڪر ۽ اڇڙي ٿر ۾ وڏي انگ ۾ رهائش پذير آهن. امرڪوٽ پرڳڻي جا قديم حڪمران پرمار سوڍا رهندا پئي آيا آهن، جن جا سردار ’راڻا‘ سڏبا آهن. جڏهن سندن وڏو سوڍو 1226ع ۾ اجين مان نڪري امرڪوٽ/ عمرڪوٽ تي ڪاهي آيو، تڏهن سومرا سنڌ جا حڪمران هئا. سومرن جي دور جو مشهور لوڪ داستان ’مومل راڻو‘ سوڍي راڻي ’مهندري/ مينڌري‘ سان منسوب آهي، جيڪو ان وقت جي حڪمران همير سومري جو رشتي ۾ سالو هو ۽ حاڪم همير جو صلاحڪار هو. همايون بادشاهه، 1539ع ۾ ڪالنجر جي قلعي ۾ شير شاهه سوريءَ کان شڪست کائڻ بعد حميده بيگم سميت وڏي لشڪر سان گڏ اچي امرڪوٽ پهتو هو، اُن وقت راڻو پرشاد امرڪوٽ/ عمرڪوٽ جو حاڪم هو. راج ديو 1226ع ۾ امرڪوٽ هٿ ڪيو. سندس نسل مان جئه برهم، جسهڙ، سويشر، ڌراپرش، درجن شال وغيره نالي وارا راڻا ليکيا وڃن ٿا. ڌراپرش جا ٻه پٽ هئا، وڏو درجن شال، جنهن جو اولاد عمرڪوٽ جا راڻا آهن. ٻيو پٽ هو ’آمراءِ‘، جنهن جو خاندان پارڪري راڻن جي حوالي سان مشهور ٿيو. ڪيترن سالن کانپوءِ راڻو کينئرو، راڻو اوتادي، راڻو تيجسي، راڻو چانپو، راڻو گانگو، راڻو پتو عرف پرشاد (جنهن دهليءَ جي بادشاهه همايون کي پناهه ڏني)، راڻو چندرسين (راڻو چندر، راجا سورج سنگهه جو سهرو)، راڻو ڀوڄراج (جنهن جو کوٽايل کوهه ڀوڄراجيو ڳوٺ ۾ اڄ به موجود آهي)، راڻو ايسرداس (کيس جيسلمير جي راجا اول سٻل سنگهه سنبت وڪرمي 1710ع ۾ گاديءَ تان لاهي راڻي گانگي جي پوٽي جئه سنگهه کي عمرڪوٽ جي گاديءَ تي ويهاريو)، راڻي سنگهه عرف جگاسنگهه، راڻو سرتار سنگهه، راڻو آسڪرڻ، راڻو سنگرام، راڻو مهراج، راڻو ڪبير سنگهه، راڻو جسونت، راڻو ارجن سنگهه، راڻو چندرسنگهه (سنڌ جو نامور سياستدان) ۽ هن وقت ڇويهون راڻو، راڻو هميرسنگهه آهي. سوڍن جون عورتون پرديدار رهيون آهن، جيڪي گهرن کان اڪثر ٻاهر ڪونه نڪرن. سوڍن جون مٽيون مائٽيون هندستان جي راجپوتن (ڀاٽين ۽ راٺوڙن وغيره) سان اڄ به قائم آهن. هي ٿرپارڪر جي مسلمان اربابن کي سڱ به ڏيندا رهيا آهن. سندن شاديءَ جون رسمون ڏکيون آهن، چاليهه پيڙهين تائين حسب نسب ملڻ وارين نکن سان شادي ڪونه ڪن. سوڍا مُردا ساڙيندا آهن ۽ رک گنگا، ساڙڌري يا سنڌو درياهه ۾ وهائيندا آهن.
سوڍا اصول پرست ۽ خوددار رهيا آهن. راڻي چندر سنگهه وانگر رامسنگهه سوڍو به سنڌ جو ناميارو سياستدان رهيو آهي. هو سنڌ اسيمبليءَ جو ٻه ڀيرا ميمبر، وڏي وزير جو صلاحڪار ۽ ضلعي ٿرپارڪر جو نائب ناظم رهي چڪو آهي. هن وقت احمدآباد (ڀارت) ۾ رهي ٿو. اڇڙي ٿر جي ڳوٺ مئو ڳوٺ جو گيانسنگهه سوڍو مشهور سياسي شخصيت رهيو آهي، جيڪو ضلعي ڪائونسل جو ميمبر به رهيو آهي. سوڍا ٿر کانسواءِ اڇڙي ٿر جي مختلف ڳوٺن جهڙوڪ: مئو، راڻاهي، رٻلاهي ۽ جيئڻهار ۾ رهن ٿا.


لفظ سوڍاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو