سيتانگ

سيتانگ (Hyperhidrosis): ستيانگ گھڻي پگھر نڪرڻ (Perspiration) جي بيماري آهي، جنهن ۾ هٿن، پيرن جي ترين ۽ بغلن مان گھڻي مقدار ۾ پگھر وهندو آهي. عام ٻوليءَ ۾ هن بيماريءَ کي هٿن، پيرن ۽ بغلن جو نزلو چيو ويندو آهي. هن بيماريءَ ۾ گھڻي پگھر نڪرڻ جو سبب بيماريءَ هيٺ آيل عضون جي پگھر آڻيندڙ غدودن (Sweat Glands) ۾ غير فطري (پاڻمرادو) خرابيءَ جي ڪري آهي. ڏٺو ويو آهي ته هن بيماريءَ ۾ ماڻهن جا جذبات (Emotions) پگھر آڻيندڙ غدودن جي فعل تي گھڻو ناڪاري اثر پيدا ڪندا آهن. اهوئي سبب آهي جو حساس، نازڪ طبيعت وارن، ڪاوڙيل ۽ ذهني پريشان رهندڙ ماڻهن کي هيءَ بيماري عام ٿيندي آهي، تنهن کانسواءِ هيءَ بيماري گھڻن ماڻهن ۾ موروثي به هوندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو