سيسر

سيسر

سيسر

سيسر (Ganges Gharial/Gravialis Gangeticus): سيسر درياهي جانور آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ گهڙيال به چوندا آهن، جيڪو واڳون جو هڪ ٻيو نالو آهي. سيسر واڳونءَ جو هڪ قسم آهي. هن وقت سڄيءَ دنيا ۾ هن نسل جو تعداد اڍائي کان ٽي هزار هوندو. مکيه طور تي هن جو نسل گنگا، برهمپترا، سنڌو درياهه ۽ انهن سان لاڳاپيل ٻين ندين، ڍنڍن، ڍورن سان آهي. سنڌ ۾ هي نارا ڪئنال ۽ کيرٿر جي ڪنبن ۾ اڃا به ڪٿي ڪٿي باقي آهن. سيسر، ڊيگهه ۾ 4 کان 7 ميٽر (13 کان 23 فوٽ) ٿئي ٿو ۽ دنيا ۾ سڀ کان وڏن واڳن ۾ شمار ٿئي ٿو. سيسر انسانن لاءِ خطرناڪ نه آهي. سيسر جا ٻچا جيت ۽ ڏيڏر کائين ٿا، جوان سيسر مڇي ۽ ڪئا کائيندي آهي. انهن جي ڄاڙي سنهي ۽ ڊگهي هوندي آهي، جنهن ۾ 110 کان 116 ڏند هوندا آهن. نَر سيسر جي دوناڙي نڪ جي چوٽيءَ تي گوشت جو هڪ ڳوڙهو هوندو آهي.
سيسر، واڳن جي ان خاص نسل جو سڄي دنيا ۾ اڪيلو قسم آهي. هي جانور ڏينهن جي وقت ۾ سرگرم رهندو آهي. هن جون ٽنگون ايتريون طاقتور نه هونديون آهن، جو جسم مٿي کڻي هلي سگهي، انڪري فقط پيٽ ڀر رڙهي سگهندو آهي. 3 ميٽر ڊگهي سيسر مادي بالغ هوندي آهي. ٽن ميٽرن تائين پهچندي، ان کي ڏهه سال لڳي ويندا آهن. هنن جي نومبر کان جنوريءَ تائين لڳ جي مند هوندي آهي. ان وقت واريءَ ۾ کڏ کوٽي 30 کان 50 آنا لاهيندي آهي، پوءِ احتياط سان ڍڪي ڇڏيندي آهي. هر هڪ آني جو وزن 160 گرام ٿئي ٿو. 83 کان 94 ڏينهن ۾ آنا ڦٽي پون ٿا. ماءُ ٻچن جي پالنا دوران ڪجهه مهينا ٻچن جي ويجهو رهندي آهي. سيسر جو نسل پاڪستان، نيپال، اتر هندستان، ڀوٽان ۽ برما ۾ به آهي.
سنڌ ۾ نارا ڪئنال طرف سيسر جي جنس باقي آهي. ڪجهه تعداد ۾ کيرٿر جي نئن نريءَ (ڪاڇي) وارن ڪنبن ۾ به سيسر آهن. اڳي سنڌ جي ڍنڍن ۽ درياهن ۾ هي جانور عام رهندو هو، پر پاڻيءَ جي اڻاٺ سبب هاڻي ختم ٿي ويو آهي. هن جو شڪار سانوڻيءَ ۾ ٿيندو هو. سانوڻيءَ ۾ سيسر کي مستي ٿيندي آهي ۽ سگهه به اهڙي هوندي هئس، جو سانوڻيءَ جي درياهه جي اڀي سير وٺي ترندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن درياهه جي گهنڊن ۽ اوڀارن ۾ به ملندو هو، جتي سيسر جي خبر پوندي هئي، اتي شڪاري رائيفل کڻي وڃي ويهندو هو ۽ ان کان اڳ درياهه جي هيٺئين پاسي کان ٻيڙيءَ وارن ۽ مهاڻن کي هوشيار ڪري ڇڏيندو ته متان سيسر وري پئي. سيسر جي عادت آهي ته سير ۾ ٻه هٿ کن مٿي ٿي بيهي سيٽيون هڻندو آهي. گهڙيءَ کن بيهي وري ٽٻي هڻي ويندو. سيسر جو شڪار سانوڻيءَ جو گهڻو ٿيندو آهي. هي ڏاڍو سياڻو جانور آهي، کڙڪي تي ٽُٻي هڻي ويندو. هن کي صرف رائيفل جي گولي اثر ڪندي آهي، ٻئي ڪنهن اوزار سان هن جو شڪار ڏکيو ٿيندو آهي. شڪار کان پوءِ سيسر کي ٻيڙيءَ جي پاڇل سان ٻڌي ڪناري تي آڻبو آهي. شاهه لطيف به پنهنجي رسالي جي سر سهڻيءَ ۾ سيسر کي ڳايو آهي:
”سيسر، ٻُلهڻيون ٻار ۾، ڪڇئان ڪميون ڪُڏن.“


لفظ سيسرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو