سيڊا

سيڊا

سيڊا

سيڊا (سنڌ اريگيشن اينڊ ڊرينيج اٿارٽي): هيءَ خودمختيار تنظيم(ڪارپوريشن)، سنڌ اريگيشن اينڊ پاور ڊپارٽمنٽ جي هٿ هيٺ، 1997ع ۾ قائم ٿي. سيڊا جي ذميوارين ۾ بئراجن مان واهن کي پاڻيءَ جي فراهمي، ايريا واٽر بورڊس ۽ آبادگار تنظيمن کان پاڻي استعمال ڪرڻ تي اوڳاڙي ڪرڻ، آبپاشي نظام جي سڌارن ۽ ٻوڏ وغيره جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تعميري ڪم ڪرائڻ وغيره شامل آهي. هن وقت ٻه مکيه رٿائون : (1) واٽر سيڪٽر امپروومنٽ پراجيڪٽ (WSIP). (2) ڪيش/فوڊ فار ورڪ پراجيڪٽ سيڊا جي انتظام هيٺ جاري آهن. WSIP رٿا، ورلڊ بئنڪ جي مالي سهڪار سان جاري آهي، جنهن جو تخمينو 175 ملين آمريڪي ڊالر لڳايو ويو آهي. هن رٿا جو مقصد سنڌ جي ٽنهي ايريا واٽربورڊس (AWBs) ۾ پاڻيءَ جي موثر طريقي سان فراهمي آهي. اهي واٽر بورڊ:
(1) گهوٽڪي فيڊر ايريا واٽر بورڊ، (2) نارا ڪئنال ايريا واٽر بورڊ، (3) ليفٽ بئنڪ ڪئنال ايريا واٽر بورڊ آهن، جيڪي سنڌ جي ڪجهه ضلعن: گهوٽڪي، سکر، خيرپور، سانگهڙ، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٽنڊي محمد خان، حيدرآباد ۽ بدين جي علائقن کي پاڻي فراهم ڪن ٿا.
(WSIP) رٿا جا مکيه مقصد هي آهن:
(i) سنڌ جي 7 مکيه ڪئنالن، 28 شاخن ۽ 173 ننڍين شاخن جي بحالي ۽ سڌارا ڪرڻ.
(ii) 2 لک هيڪٽر آباد زمينن ۾ ڊرينيج جا سڌارا ڪرڻ.
(iii) گڊو ۽ سکر بئراجن بابت تفصيلي فزيبلٽي رپورٽون تيار ڪرڻ.
(iv) انڊس ڊيلٽا ۽ ڪوسٽل زون جي تحفظ لاءِ سنڌو درياهه جي کاٻي ڪپ ۽ ايل.بي.او.ڊي تي ٻوڏ ۽ درينيج جي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ ماسٽر پلان جوڙڻ.
(v) سيڊا، ايريا واٽر بورڊس ۽ آبادگار تنظيمن جي تنظيمي مضبوطي ۽ بهتريءَ لاءِ عملي ڪوششون ڪرڻ.
رٿا جي سموري انتظام، رابطيڪاري ۽ نگرانيءَ جو ڪم رٿـابنــدي ۽ تـرقـيءَ وارو کاتو ڪـري ٿو، جـڏهن ته سـيڊا ان رٿا تحت ايريا واٽر بورڊس، آبپاشي کاتي ۽ آبادگار تنظيم جي سهڪار سان عملي ڪم ڪري ٿي.
ڪيش/ فوڊ فار ورڪ پراجيڪٽ: هن رٿا جي ضرورت 2011ع ۾ ٿيل شديد برساتن بعد پيش آئي. انهن تيز برساتن سبب سنڌ صوبي جي 16 مختلف ضلعن جا ماڻهو متاثر ٿيا هئا. اهو تعداد صوبي جي 25 سيڪڙو آباديءَ تي مشتمل هو. برسات سبب 361000 گهر ڊهي پيا ۽ ان کان وڌيڪ گهرن کي جزوي نقصان پهتو. متاثر ماڻهو ٻارين ٻچين عارضي ڪئمپن ۾ رهڻ تي مجبور ٿيا ۽ کاڌي جي کوٽ پڻ ٿي. صوبي جو 36 سيڪڙو چوپايو مال به متاثر ٿيو. انهن ۾ ٽنڊو محمد خان، بدين، ميرپورخاص، سانگهڙ ۽ عمرڪوٽ ضلعا شديد متاثر ٿيا، جتي آبپاشي ۽ ڊرينيج جو نظام تباهه ٿيو.
اهڙي صورتحال ۾ سيڊا، ورلڊ فوڊ پروگرام جي سهڪار سان ’ڪيش/فوڊ فار ورڪ پراجيڪٽ‘ متعارف ڪيو. جنهن تحت برسات متاثرن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪندي انهن جي مدد سان ئي آبپاشي ۽ نيڪال واري نظام جي بحالي لاءِ ڪم شروع ڪيو. مقامي ماڻهن جيڪي به محنت پئي ڪئي ان عيوض کين معاوضو ۽ کاڌو ڏنو ويو. هن رٿا تحت 6 مهينن جي عرصي لاءِ ليبر مقرر ڪري هر ضلعي جي 60 ميل ۽ ڪل 300 ملين تي مشتمل ايراضيءَ تي تباهه ٿيل شاخن جي مرمت ٿي. هزارين خاندان پوءِ زمينون آباد ڪرڻ لڳا.
سيڊا ۾ قائم ڪيل مختلف شاخون هن ريت آهن:
(1) ايڊمنسٽريشن ونگ: سمورا انتظامي مامرا سنڀالڻ لاءِ هن شاخ جو سربراهه، سيڊا جو سيڪريٽري خرم عزيز شيخ مقرر ٿيل آهي. جنهن قابليت سان سيڊا جي انتظامي ڪارونهوار کي وڌيڪ بهتر بڻايو آهي. سندس غير موجودگيءَ ۾ سينئر مينيجر بطور سيڪريٽري انتظام سنڀاليندو آهي. ايڊمنسٽريشن ونگ جي مکيه ذميوارين ۾ سيڊا جي سمورين شاخن جي رهنمائي ڪرڻ. قاعدن ۽ ضابطن تحت ملازمن جي مقرري، ترقي ۽ برطرفيءَ جا فيصلا ڪرڻ ۽ ٻيا قانوني معاملا سنڀالڻ شامل آهن.
(2) آپريشن ونگ: هيءَ شاخ جنرل مينجر (آپريشنز) جي سربراهي ۾ قائم آهي. جنهن تحت آبپاشي، ڊرينيج ۽ ٻوڏ کان بچاءَ لاءِ سموريون سرگرميون عمل ۾ آنديون وڃن ٿيون. آپريشن ونگ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر (انجنيرنگ ان ڊرينيج اينڊ ڪيپيٽل ورڪس)، ڊپٽي ڊائريڪٽر (اريگيشن اينڊ فلڊ پروٽيڪشن) ڪ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مقرر آهن. جڏهن ته هڪ اسڪيم تحت پراجيڪٽ پلاننگ ڪنسلٽنٽ جي آسامي به متعارف ڪئي وئي آهي.
آپريشن ونگ جون ذميواريون ’سنڌ واٽر مينجمنٽ آرڊنينس 2002 جي روشنيءَ ۾ وضع ٿيل آهن.
(3) ٽرانزيشن ونگ: هيءَ شاخ مسٽر نظير احمد ميمڻ (جنرل مينيجر ٽرانزيشن) جي سربراهيءَ ۾ ڪم ڪري ٿي. هن شاخ تحت ايريا واٽر بورڊس ۽ آبادگار تنظيمن جي ترقي، انهن جي مالي استحڪام لاءِ ڪوششون وٺڻ ۽ ضروري تبديليون عمل ۾ آڻڻ. هن شاخ ۾ سوشل ڊيولپمنٽ اسپيشلسٽ مينيجر ڪميونيڪيشن ۽ مينيجر هيومن رسوس ڊولپمنٽ، جنرل مينيجر ٽرانزيشن جي نگرانيءَ ۾ مصروف عمل آهن.
(4) فنانسس ونگ: مالي معاملن کي سنڀالڻ لاءِ قائم ڪيل هيءَ شاخ جنرل مينيجر فنانس، نعيم احمد ميمڻ جي نگرانيءَ ۾ ڪم ڪري پئي. هن شاخ جو مقصد مالي استحڪام لاءِ بامقصد هدايتون ڏيڻ آهي. آئي.ٽي اسپيشلسٽ ۽ پروڪيورمنٽ اسپيشلسٽ ۽ ٻيا ماهر فنانس ونگ جي معاونت ڪن ٿا.
هن وقت سيڊا جي مينيجنگ ڊائريڪٽر طور محمد احسان لغاري خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
سيڊا ۾ آءِ.ٽي، پروڪيورمنٽ ۽ ايڊمن لاجسٽڪ شعبا پڻ قائم آهن. ان جي مرڪزي سيڪريٽريٽ حيدرآباد، ليفٽ بئنڪ، بئراج ڪالوني ۾ قائم آهي.
’سنڌ واٽر مينجمنٽ آرڊنينس 2004 (ترميم) تحت اريگيشن ۽ پاور ڊپارٽمينٽ جي وزير کي ’سيڊا‘ جي چيئرمين جا اختيار ڏنا ويا.
هن وقت به آبپاشي کاتي جو وزير سيڊا جو چيئرمين آهي.


لفظ سيڊاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو