سَنِهاڙي

سَنِهاڙي (ٻوٽو): هي ٻوٽو سنڌ ۾ ٿئي ٿو. هي ٻوٽو ساٽوڙي جي ٻوٽي سان مشابهت رکي ٿو. هن کي ول ۽ تَسر ٿئي، جنهن جون تندون سنهيون ۽ ڊگهيون، پن ننڍڙا ۽ گول ٿين ٿا. هي ٻوٽو ميداني ۽ ڏاڍي زمين ۾ ٿيندو آهي ۽ چوپائي مال جي کاڌ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو