سُونگل

سُونگل: سونگل ڪراچيءَ جو قديم آباديءَ وارو علائقو آهي، جيڪو گڏاپ ۾ اچي ٿو. شاهه لطيف جي ڪلام ۾ جنهن موکي ۽ متارن واري لوڪ قصي جو ذڪر آهي، ان جي هٽ تان متارا شراب پيئڻ ايندا هئا، موکيءَ کي ٻه ڌيئرون هيون: هڪ سڦوران ۽ ٻي سونگل. ٻنهي ڇوڪرين کي شاديءَ کانپوءِ جتي رهڻو پيو، تن علائقن جا نالا به سندن نالن پٺيان پئجي ويا. سڦوران جو علائقو ملير ڪينٽ واري حصي ۾ آهي، جڏهن ته ديهه سونگل سپر هاءِ وي تي نيو سبزي منڊيءَ جي پويان آهي. هي ٻئي علائقا صدين کان آباد آهن، جتي سنڌين ۽ بلوچن جون آباديون رهن ٿيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو