سِتار

سِتار

سِتار

سِتار (ساز): ستار ڪلاسيڪي موسيقيءَ جو مشهور ساز آهي. ستار لفظ فارسي جي ’سه تار‘ يعني ’ٽي تارون‘ آهي. ان ۾ ابتدا ۾ ٽي تارون هونديون هيون، پر هاڻوڪي ستار ۾ وڌيڪ تارون آهن.
ستار جا جز ذري گهٽ تانپوري وارا آهن. موجوده ستار ۾ تُنبو، طبلي، ڪيد، ڏنڊو، سرو ۽ ڳچي ٿين، تنهن کانسواءِ ست ڳيٽيون ۽ هڪ مڻڪو به ٿئي. هن جي هڪ پاسي تُنبو، آوازي ڪوٺيءَ جو ڪم ڏيندو آهي، جيڪو هڪ ڀوري (خالي) ڪاٺيءَ سان جڙيل هوندو آهي. ان ڪاٺيءَ تي ڪيترا بند (Frets) لڳل هوندا آهن. تنبي کان ڳٽين تائين تارون، ڪي ٽامي جون ۽ ڪي پتل جون هونديون آهن، جيڪي تعداد ۾ 18 کان 20 ٿين ٿيون، جن مان وڄائڻ لاءِ صرف 11 هونديون آهن. ٻيون تارون مختلف سُرن جي آس لاءِ هونديون آهن. جنڊن ذريعي تارن کي ڇڪي يا ڍرو ڪري مختلف سُر ڪڍبا آهن. تارن ۾کاٻي پاسي کان پهرين تار فولاد جي هوندي آهي، جيڪا ’وڄت‘ جي تار سڏبي آهي. اها مندرسبتڪ جي مڌم سان ملائبي آهي. ٻي ۽ ٽين تار ڪِنجهي جي هوندي آهي، جنهن کي مندر سبتڪ جي کرج سان ملائبو آهي. هي ٻئي تارون پهرين ملائبيون آهن. چوٿين تار فولاد جي هوندي آهي، جيڪا مندر نتڪ جي پنجم سان ملائبي آهي. ڇهين تار فولاد جي، پر سنهي ٿيندي آهي، جنهن کي چيڪاري چون. اها مندر سبتڪ جي کرج (سا) سان ملائي وڃي ٿي. ستين سنهي فولادي تار به چيڪاري سڏجي ٿي ۽ کرج سان ملائبي آهي. ڪي ان کي پنچم سبتڪ سان به ملائين ٿا. مضراب جي ڌڪ سان هي ساز وڄندو آهي. مضراب لوهه يا هڏي جو ٺهيل منڊيءَ نما هوندو آهي، جيڪو ڪڏهن ٻن ته ڪڏهن ٽن آڱرين ۾ وجهبو آهي ۽ مختلف سُرن لاءِ ان کي تار جي پيڙ لاءِ ڪم آڻبو آهي. گهڻو ڪري ساڄي هٿ جي ڏسڻي آڱر سان هيٺ ۽ مٿي تار تي ڌڪ هڻبو آهي. جڏهن ته کاٻي هٿ جي آڱر سان تارن جي مختلف هنڌن تي پيدا ٿيندڙ لهرن کي قابو ڪري راڳ پيدا ڪبو آهي.
ستار، هڪ نفيس ساز آهي. هن جي سنڀال سٺيءَ ريت ڪرڻي پوندي آهي. هي ساز وڄائڻ ۾ ڏکيو آهي ۽ ان جي سکڻ لاءِ ڏهاڪو کن سال لڳيو وڃن. هي ساز خوبصورت آواز ڪڍندو آهي ۽ راڳ، راڳڻي، پلٽي جي مڪمل صورت ادا ڪندو آهي. روي شنڪر، مشتاق علي، رشيد خان، ولايت علي خان، شاهد پرويز، بلارام پاٺڪ وغيره هن ساز جا سٺا وڄتا آهن. ستار ۽ سارنگيءَ ۾ هيٺيان اصطلاح ڪم اچن ٿا:
ڀاني: ستار يا سارنگيءَ جي تارن جي ڌيمي جهڻڪار.
پردا: ستار جي سُرَ جي آواز جو مقام يا گهر.
پي لڪ: آڙ، تاردان، ٽيڪ، گهوڙي. هاٿيءَ جي ڏندن جي ٺهيل ننڍڙي تختي، جيڪا ستار يا سارنگيءَ جي هيٺئين حصي مٿان، تانت جي تارن کي طبلي جي سطح کان پري رکڻ لاءِ لڳائي ويندي آهي. هن جي مٿان تانت جون تارون جهُڪيل هونديون آهن. طبلي سان تارن جي الڳ هجڻ ڪري ستار جي تار جي جهنڪار صاف ٻڌڻ ۾ ايندي آهي. هن کي ’جواري‘ به چون.
تارڪش: ستار يا سارنگيءَ جي تارن جون ڳِٽيون يا کونٽيون، جن تي تارن جا سرا ويڙهيل هوندا آهن ۽ ضرورت وقت تارن کي تنگ يا ڍرو ڪري سگهبو آهي.
جاچڪ يا جاجڪ: سازندو.
رودا: سارنگي يا ستار جون تارون يا تانتون. سارنگيءَ جون چڪاريون، هٿي وڄت واريون تارون، جن مان اوچو آواز نڪري ٿو ۽ اهي پهرين تعداد ۾ چار ٿينديون آهن.
ساران يا سارن: سندريون، ستار يا انهيءَ قسم جي ٻين سازن جا پردا ڏانڊيءَ تي موزون وِٿيءَ تي لڳل هوندا آهن، جن تي ستار جون ’باج جون تارون‘ تاڻيل هونديون آهن.
سنگت: مڌم ستار جون آخري ٻه تارون، جيڪي راڳ مهل برابر وڄنديون رهنديون آهن.
شعاع: ستار يا سارنگيءَ جي تارن جي گونج يا جهڻڪار، جيڪا ’باج‘ جي تارن کي ڇيڙڻ سان گونجي يا پيدا ٿئي.
طَبُلي: (مونث) ستار جو هيٺيون سرو يا پيندو، جيڪو تُمبي جي شڪل جو ۽ مٿان هموار ٿيندو آهي.
تربون: ستار يا سارنگيءَ جي گونج جون تارون، جيڪي ڏانڊيءَ جي سطح تي تاڻيل هونديون آهن. اهي تارون ساز جي نوعيت تي ستن کان سترهن، لاهي، چاڙهي لاءِ لڳايون وينديون آهن، پر عام طور استاد اهي تارون نَوَ رکندا آهن، جيڪي اٺ گمت جون ۽ هڪ ان جي هيٺيان هوندي آهي.
ڪنڊو: ستار جي طبلي يا سارنگيءَ جي آواز ڪوٺيءَ جي ديوار وٽ وچ ۾ هاٿي ڏند جي يا ڪنهن ڌاتوءَ جي ننڍي ڪلي لڳل هوندي آهي، جنهن ۾ چِڪارين يعني واڄي جي تارن جا سرا ٻڌل هوندا آهن.
ڪن- سرا: سُر جي تار، ستار يا سارنگيءَ جي ڳٽي يا کونٽي.
گُلو: ستار جي ڏانڊي ۽ تُنبي جي جوڙ جو مقام.
لرز: هڪ خاص قسم جي پتري پتل جي تار، جيڪا سارنگي يا ستار ۾ لڳل هوندي آهي، پر ان کي صرف ڪو ماهر استاد ئي وڄائي سگهندو آهي.
مُٺيو: ستار جي ڏنڊي جو مٿيون خوبصورت مٿو، جنهن ۾ واڄي واريون ڳٽيون لڳل هونديون آهن.
مداخل: سربهار، ستار جي ڏانڊي ۽ طبليءَ تي هاٿي ڏند مان ٺهيل حاشيو.


لفظ سِتارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو