شاعري

شاعري: شاعري هڪ لطيف فن آهي، جنهن جو تعلق جيتوڻيڪ شعور سان آهي، پر قديم دور کان هڪ نظريي مطابق اها غيب مان نازل ٿيندڙ يا الهامي فن آهي. شاعري انسان جي بنهه شروعاتي دور جي جمالياتي عمل سان گڏوگڏ آڳاٽو تخليقي عمل به رهيو آهي. اها هڪ اهڙي قدرتي ڏات آهي، جنهن کي ڏانءَ جي مدد سان زماني جي شعور ذريعي اظهاري سگهجي ٿو.
شاعريءَ بابت مختلف نظريا: عربيءَ ۾ ‘تلميذ الرحمان’ جو اصطلاح شاعر کي خدا جو شاگرد ڄاڻائي ٿو. معنيٰ اها خدا طرفان عطا ٿيل ڏات آهي. يورپ ۾ به اهڙو ئي تصور هوندو هو ته اها الاهي ڏات (devine force) آهي. يونان وارا سمجهندا هئا ته شاعريءَ جي ديوي Muse اها ڏات ڏيندڙ آهي. افلاطون جو چوڻ هو ته جڏهن ‘روح مثاليت’ (Ideality) کي پاڻ ظاهر ڪرڻو هوندو آهي ته اها ‘شاعر’ ذريعي ڪندي آهي. روم ۾ شاعرن کي ويٽس (Vates) چيو ويندو هو، جنهن جي معنيٰ ‘پيش بين’ يا پيغمبر جي آهي. فارسي شاعر حافظ به چيو هو ته، “شاعري جزويست از پيغمبري”، جڏهن ته غالب وٽ به ‘آتي هين غيب سي يه مضامين خيال مين...” وارو تصور آهي. شاهه لطيف چيو ته ‘جي تو بيت ڀانيا، سي آيتون آهين’، سچل به ساڳي دعويٰ ڪئي ته ‘من نه مي گويم، يار مي گويد بگو’ (مان نٿو چوان، منهنجو يار ٿو چوي ته چئو). ساميءَ به چيو ‘ويدن جا ويچار، سنڌيءَ ۾ سڻايم’. انهن قديم شاعرن کان سواءِ جديد شاعر شيخ اياز چيو هو ‘اي ڏاتار تون مون کي ايتري ڏات ڏين ٿو، جو مان اها ٻڪ ۾ جهلي نٿو سگهان... ان جي ڀيٽ ۾ جديد دور جو سائنسي نظريو شاعريءَ کي هڪ شعوري عمل قرار ڏي ٿو ۽ ڪوبه شاعر زماني جي شعور کانسواءِ وڏو شاعر نه ٿو ٿي سگهي. فرائڊ شعور ۽ تحت الشعور جي تعلق سان ان جي توجيهه ڪئي. مارڪسي نظريي موجب ڪوبه فنڪار يا شاعر زندگيءَ جي جدلياتي قوتن کي پنهنجي طبقاتي شعور جي مدد سان خيال کي منظم ڪندو آهي.
اهڙيءَ ريت شاعريءَ بابت ٻه واضح نظريا آهن. هڪ موجب اها الهامي شيءِ آهي ته ٻئي مطابق اهو شعوري عمل آهي، جنهن جي لاءِ ٽيڪنيڪي شعور پڻ لازمي آهي. مثال طور: شاهه لطيف کي ڇند وديا جو علم نه هجي ها ته سندس تخليقي قوت پاڻ اظهاري نه سگهي ها. هن کي پنهنجي زماني جو شعور نه هجي ها ته هو ايترو وڏو شاعر نه بڻجي سگهي ها. خود تصوف جي شاعريءَ ۾ موجودگي ثابت ڪري ٿي ته هن کي ان فلسفي جو علم هو ۽ هو ان جي گهرجن کان واقف هو.
شاعريءَ کي سنڌيءَ ۽ هنديءَ ۾ ڪوِتا پڻ چيو ويندو آهي. شاعري جذبن جي اظهار جو نالو آهي. وليم ورڊس ورٿ مطابق شاعري اندر جي اڌمن جو بي ساخته اظهار آهي. شاعر جي هڪ اهڙي تخليق، جيڪا انسان جي جذبن ۽ احساسن سان واسطو رکي ٿي، جنهن ۾ خيال جي پرواز به اعليٰ هوندي آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ شاعريءَ کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي: (1) ڪلاسيڪل/ اثاثي شاعري، (2) عروضي شاعري، ۽ (3) جديد شاعري.
قديم شاعري: سنڌي ادب ۾ شاعريءَ جي صنف تمام قديم آهي. عرب دور کان اڳ سنڌ ۾ شعر چيو ويندو هو. قديم شاعريءَ ۾ گِنان، ڪبت (الف اشباع)، ڏوهيڙو، دوهو، بيت، وائي، ڪافي ۽ اشلوڪ وغيره شامل آهن. شاعريءَ جون هي صنفون هندي ڇند وديا ۽ موسيقيءَ جي ماترائن تي ٻڌل هونديون آهن ۽ منجهن سٽون موزون ۽ قافيي واريون ٿينديون آهن. هن ۾ لوڪ ڪلاسيڪل ۽ ڪلاسيڪل شاعري اچي وڃي ٿي. ڪلاسيڪل شاعري سومرا دور کان ڪلهوڙا ۽ ٽالپر دور تائين اچي وڃي ٿي.
عروضي شاعري: عروضي شعر اهو آهي، جيڪو علم عروض جي قانون پٽاندر جوڙيل هجي. يعني شعر ۾ مصرعون نه رڳو وزن ۽ قافيي واريون هجن، پر ان سان گڏ اهي مقرر بحر جي وزنن ۽ ارڪانن موجب هئڻ کپن. اهڙي شعر ۾ قافيي سان گڏ رديف به ڪم آندو ويندو آهي. هن قسم جي شعر ۾ حمد، نعت، قصيدو، غزل، نظم، مثنوي، قطعو، پنجڪڙو، ڇهه سٽا، مستزاد، فرد، مسمط، ترجيح بند ۽ ترڪيب بند وغيره اچي وڃن ٿا.
سنڌ ۾ علم عروض جو دور ڪلهوڙا دور جي آخر ۾ شروع ٿيو، اڄ تائين مروج آهي. ڊاڪٽر اياز قادريءَ علم عروض ۾ لکجندڙ صنف غزل کي مختلف دورن: گل جو دور، خليفي قاسم جو دور، سانگي جو دور، قادري جو دور، ورهاڱي کانپوءِ جو دور ۾ ورهايو آهي. علم عروض تي لکندڙ شاعرن ۾ نور محمد خسته، مرزا تقي، ميان ڇتن، سچل سرمست، خليفو گل محمد، آخوند محمد قاسم هالائي، امام بخش خادم، ابراهيم خليل، حافظ حامد ٽکڙائي، غلام محمد گدا، مرزا ٻڍل بيگ، مير عبدالحسين سانگي، مرزا قليچ بيگ، غلام مرتضيٰ شاهه مرتضائي، علي محمد قادري، هدايت علي تارڪ نجفي، محمود خادم، عبدالله اثر، عبدالڪريم گدائي، طالب الموليٰ، غلام محمد گرامي، شيخ اياز، مرزا سڪندر بيگ وغيره قابل ذڪر آهن.
جديد دور: جديد ادب مان مراد اهو ادب، جيڪو پنهنجي دور جي جديد لاڙن سان هم آهنگ هجي ۽ پراڻي ادب جي نسبت ان ۾ نواڻ هجي، پر ان هوندي به ساڳئي دور ۾ ڪن ادبي فن پارن ۾ جدت ۽ انفراديت آهي ته ڪن ۾ وري قدري شعري روايتن جي پابندي ڪئي وڃي ٿي، يعني هر دور ۾ قديم ادب جا رجحان به قائم رهن ٿا ۽ جديد لاڙا به ملن ٿا. جديد سنڌي شاعريءَ ۾ شيخ اياز جو نالو تمام مٿانهون آهي. ان کان سواءِ تنوير عباسي، امداد حسيني، نياز همايوني، نارائڻ شيام، استاد بخاري، سرڪش سنڌي، وفا ناٿن شاهي ۽ ڪيئي ٻيا شاعر شامل آهن.
موجوده دور: هن وقت به نئين ٽهيءَ جا ڪيئي شاعر نين صنفن ۾ شاعري ڪري رهيا آهن.


لفظ شاعريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو