شاهڪار

شاهڪار

شاهڪار

شاهڪار (ڪتاب): چونڊ سنڌي شاعريءَ تي مشتمل هن ڪتاب جو مرتب مسرور ڪيفي آهي. جنهن ۾ هن سنڌ جي 60 ناليوارن شاعرن جو چونڊ ڪلام ڏنو آهي، جن ۾: طالب الموليٰ، سرشار عقيلي، شيخ محمد ابراهيم خليل، شيخ عبدالله عبد، شيخ اياز، عبدالڪريم گدائي، لطف الله بدوي، سردار علي شاهه شاڪر، امير بخش قريشي امير، شيخ عبدالعليم جوش، حسن الهاشمي حسن، رشيد احمد لاشاري وغيره شامل آهن.
64 صفحن تي مشتمل ڪرائون سائيز ۾ هي ڪتاب مڪتبهء فروغ ادب ڪراچيءَ طرفان جولاءِ 1961ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت هڪ روپيو ڄاڻايل آهي.


لفظ شاهڪارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو