شهزادي

شهزادي

شهزادي

شهزادي: سنڌي فلمن ۽ ڊرامن جي مشهور اداڪاره شهزاديءَ جو جنم 1941ع ڌاري محمد هاشم بلوچ جي گهر ۾ سکر شهر ۾ ٿيو. 13 سالن جي ڄمار ۾ سندس شادي واحد بخش سان ٿي. کيس ننڍپڻ کان فلم، اسٽيج، لوڪ گيت ۽ لوڪ رقص تمام گهڻو وڻندا هئا. ثقافتي لباس سان کيس گهڻي دلچسپي هوندي هئي. هُوءَ پڙهيل لکيل هئڻ باوجود ڳالهائڻ وقت ٻين ٻولين جو اثر قبولڻ بجاءِ نج سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندي هئي. هن پنهنجي فني سفر جي شروعات ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ڊراما آرٽسٽ جي حيثيت سان، جڏهن ته پي. ٽي. وي تان هن پنهنجي فن جي شروعات ‘زينت ’ ڊرامي کان ڪئي. جيڪو ڊرامو شمشيرالحيدريءَ، مرزا قليچ بيگ جي ناول تان ڊراماٽائيز ڪيو هو ۽ عبدالڪريم بلوچ نشر ڪيو هو.
مڙس وفات بعد هن زندگي گذارڻ لاءِ ڊزائيننگ ۽ گارمينٽس جو ڪاروبار شروع ڪيو. پهرين لالو کيت، ڪراچيءَ ۾ دڪان کوليو، جتي روزگار سان گڏ سنڌي ثقافت کي عام ڪرڻ لاءِ سنڌي رلي، سوسي، اجرڪ، سنڌي ٽوپي ۽ گج وغيره کي اجاگر ڪرڻ ۾ هٿي ڏني. بعد ۾ ڪراچيءَ جي ڪريم آباد واري علائقي ۾ عورتن لاءِ خاص ’مينا بازار’ قائم ٿي ته اتي دڪان کوليائين. هن سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ ميلن ۾ ثقافتي هنرن جي نمائش ۽ وڪري لاءِ اسٽال لڳايا. جڏهن 1970ع ۾ سنڌي فلم ‘پنو عاقل’ ٺهي ته ان ۾ کيس هيروئن لاءِ چونڊيو ويو، جنهن ۾ هيري جو ڪردار قربان جيلانيءَ ادا ڪيو هو. انهي فلم ۾ هن گانا به ڳايا ۽ فلم ۾ رقص ڪري پاڻ ملهايو. ان کانپوءِ ‘ڌرتي دل وارن جي’، ‘جلال چانڊيو’، ‘نادر گوهر’ ۽ ‘پرو’ سميت ٻين فلمن ۾ اداڪاري ڪئي ۽ ڪيترين ئي اردو فلمن ۾ به ڪم ڪيو. اڳتي هلي جڏهن سنڌي فلم انڊسٽريءَ جو ڪم گهٽيو ته هن ريڊيو ۽ ٽي. ويءَ جو رخ ڪيو. ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي قمر شهباز هن لاءِ هڪ ڪردار تخليق ڪيو، جنهن جو نالو به ‘شهزادي’ رکيو ويو. مگر ڪردار هڪ جهيڙاڪ ۽ بدمزاج عورت جو هو، جنهن تي هن سخت اعتراض ڪيو، جنهنڪري ان ڪردار جو نالو تبديل ڪري ‘راڻي ’ رکيو ويو. سندس اهو ڪردار تمام گهڻو مقبول ٿيو. هن پي. ٽي. وي جي ڪيترن ئي سنڌي توڙي اردو ڊرامن ۾ اداڪاري ڪري مقبوليت ماڻي، جن ۾: زينت، جهنگل، ديوارين، هٿين گل ميندي، راڻيءَ جي ڪهاڻي، باک، پولار، ملڪيت، اوڙاهه، وسايل واٽون، قربتون، رشتا ناتا، سام وغيره قابل ذڪر آهن.
شهزاديءَ اٽڪل 450 ڊرامن ۾ ڪم ڪيو. سندس آخري ڊرامو ڪي. ٽي. اين تان نشر ٿيندڙ ‘گهر بي گهر’ هو. هن کي ريڊيو پاڪستان پاران 1999ع ۾ بهترين ڊراما آرٽسٽ جو اوارڊ ڏنو ويو. ان کان سواءِ ٻين ڪيترن ئي ادارن پاران انعام ۽ سنَدون ڏنيون ويون. هن لوڪ ناچن جي هڪ وفد سان گڏ چين، اتر ڪوريا ۽ ٿائلينڊ جو دورو پڻ ڪيو ۽ اتي سنڌي ثقافت ۽ موسيقيءَ کي متعارف ڪرايو.
شهزاديءَ، معدي جي ڪئنسر سبب 24 اپريل 2003ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ڪراچيءَ جي ٽول پلازه ڀرسان واديءِ حُسين قبرستان ۾ آهي. کيس هڪ ڌيءَ ساجده شاهه جو اولاد ٿيو.


لفظ شهزاديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2003.04.24  عيسوي

سنڌي فلمن ۽ ڊرامن جي مشهور اداڪاره شهزاديءَ جو جنم 1941ع ڌاري محمد هاشم بلوچ جي گهر ۾ سکر شهر ۾ ٿيو.شهزاديءَ، معدي جي ڪئنسر سبب 24 اپريل 2003ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀٽي مخدوم محمد صالح
ڀاتکنڊي وشنو نارائ
سيد غوث حسين شاهه 1
عبدالقادر بدايوني
ابراهيم بن اڌم بلخي
راءِ نوگھڻ
جمعو خان غريب
اعتزاز احسن
ڏوگر عبدالحميد جسٽس
سلطانه صديقي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون