شهنشاهه

شهنشاهه

شهنشاهه

شهنشاهه (Emperor): شهنشاهه هڪ خطاب آهي. ان جو لفظي ترجمو آهي: ‘شاهن جو شاهه’. هن جو متبادل انگريزي لفظ Emperor آهي، جيڪو لاطيني ٻوليءَ جي لفظ امپراتور (Imperator) مان ورتل آهي. اوائلي دؤر جي قديم روم جو اهڙو مئجسٽريٽ، جنهن وٽ حڪمراني ۽ رياستي قانون نافذ ڪرڻ جا اختيار هوندا هئا، ان کي ‘امپراتور’ چيو ويندو هو، بعد ۾ اهو اصطلاح رومن فوجي دستا ڪنهن فاتح جرنل لاءِ استعمال ڪرڻ لڳا. جمهوريه روم ۾ سـيـنـيـٽ ڪـنهـن فاتح جرنيل کي مستقل طور امپراتور قرار ڏيندي هئي. نيرو (68-54ع) کان پهريان امپرر لفظ جو رواج نه ٿو ملي. آگسٽس نالي کان پهرين اهو لڳائڻ جو آغاز ڪيو. بادشاهه خطاب جو مطلب ڪنهن هڪ علائقي جو حڪمران آهي، جڏهن ته شهنشاهه هڪ کان وڌيڪ علائقن تي حڪمراني ڪندڙ کي چيو ويندو آهي. هندستان ۾ مغل حڪمرانن مان شهنشاهه همايون، شهنشاهه بابر، شهنشاهه اڪبر ۽ ايراني شهنشاهه عباس شاهه صفوي، شهنشاهه حسين شاهه صفوي وغيره مشهور آهن.


لفظ شهنشاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو