صداقت

صداقت (اخبار): هي سنڌي/ اردو هفتيوار اخبار 1946ع ۾ نئين دنيا پرنٽنگ پريس، ڪراچي مان جاري ڪئي وئي. ڪميونسٽ پارٽي ۽ ترقي پسند اديبن پاران ڪراچي ۾ نئين دنيا پرنٽنگ پريس قائم ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ سنڌي ۽ اردوءَ ۾ ڪتاب شايع ڪري سياسي سرگرميون جاري رکڻ سان گڏ ڪميونسٽ ۽ مارڪسوادي نظرئي جو پرچار ڪيو ويندو هو. هن اخبار جو پرنٽر ۽ پبلشر گوبند مالهي ۽ ايڊيٽر بخاري هو، جڏهن ته ڪيرت ٻاٻاڻي پڻ هن اخبار سان وابسته هو.


لفظ صداقتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو