صنوبر

صنوبر

صنوبر

صنوبر (Pinus Longifolis): هي هڪ وڏو وڻ آهي. هن جا پن سنهڙا ٿين ٿا. هن جو ڪاٺ سڻڀو ٿئي ٿو. ٻارڻ ۾ ڪم اچي ٿو. هن جو ڦر مخروطي شڪل جو ٿئي ٿو. هن جا پن ۽ کل دوائن ۾ ڪم اچن ٿا. هن وڻ جي هڪ قسم مان تارپين جو تيل نڪري ٿو. هن وڻ جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا. صنوبر افغانستان، ڪشمير ۽ پنجاب ۾ ٿئي ٿو. طبي لحاظ کان گرم خشڪ آهي. ڳلي جي سور، ڦڦڙن جي زخم، نڪهري ۽ دستن ۾ مفيد آهي، هن جا پن پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي گرڙيون ڪرڻ سان ڏندن جو سور لهي وڃي ٿو. هن جي ڪاٺين جو دونهون مڇرن ۽ ٻين جيتن کي ڀڄائي ختم ڪري ٿو


لفظ صنوبرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو