علاج

علاج (Therapeutics): ڪنهن به مرض (بيماريءَ) کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ اُپاءَ وٺڻ کي علاج (Therapy) چئجي ٿو. اڄ جي ميڊيڪل سائنس جي دور ۾ مرض کان ڇوٽڪارو ڏيڻ ۽ مريض کي صحتمند ڪرڻ لاءِ ڪيترائي علاج جا طريقا ٿي پيا آهن. جيئن انگريزي علاج جنهن کي ايلوپيٿي (Allopathy) يعني علاج بالضد چئبو آهي. ائين هوميو پيٿي (Homeopathy) يعني علاج بالمثل، يوناني طب (Unani Therapy)، هندستاني طب آيور ويدڪ، مغربي طب (Phyto Therapy)، جڙين ٻوٽين وسيلي علاج (Herbal Therapy)، قدرتي علاج (Natural Therapy)، آڪوپنڪچر (Acupuncture)، چقمق وسيلي علاج (Magnotherapy)، ۽ رڳن تي زور ڏيڻ وسيلي علاج (Pressure Therapy) وغيره. مرض مان نجات حاصل ڪرڻ مريض جو سماجي ۽ مذهبي حق آهي. سڌريل ملڪن ۾ اهو فرض ته خود حڪومتون پورو ڪن ٿيون. مريض جو مفت علاج ڪيو وڃي ٿو. مريض جو علاج ڪرڻ هنن جي سماجي ۽ شهري حق ۾ شامل آهي.


لفظ علاجھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو