فارس

پارس/ فارس: ’ايران‘ جو ٻيو نالو، جيڪو هوشنگ جي پٽ تان هن ملڪ تي پيو. هن لاءِ اهو به چيو وڃي ٿو ته اِهو حضرت نوح عليه السلام جي پوٽي جو نالو هو. ”پارس“ نالي جي مناسبت سان ايران جي ٻوليءَ کي ”پارسي“ به چيو ويندو آهي. وقت گذرڻ سان قديم اچار ’پ‘ جديد ٻوليءَ ۾ ’ف‘ ۾ بدلجي ويو، اهڙي طرح ’پارس‘ مان ’فارس‘ ۽ ’پارسي‘ مان ’فارسي‘ مستعمل ٿي ويو.


لفظ فارسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو