وڇون2

ڀَٽُون2: علم نجوم ۾، سج جي ٻارھن منزلن مان ھڪ منزل، جنھن کي عربي ٻوليءَ ۾ ”عقرب“ ۽ انگريزيءَ ۾ Scorpio چوندا آھن. ان کي سنڌيءَ ۾ ”ڀٽون“ يا ”وڇون“ به چون. عقرب، سلسلي ۾ اٺون نمبر برج آھي. سنڌ جي ٻنيءَ ٻاري واري نظام ۾ ”ڀٽونءَ وڇونءَ“ واري نکٽ يا برج کي وڏي اھميت آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو