ٺاٺارا

ٺاٺارا: هڪ ذات جو نالو. اهو نالو ٺاٺارڪي پيشي جي ڪري پيو آهي. خيرپور رياست ۾ ٺاٺارڪي ڪم جا اعليٰ ڪاريگر هوندا هئا، جيڪي لقمان ۾ رهندا هئا. اُهي ٽامي، پتل، جست ۽ ڪنجهي وغيره مان هر قسم جا ٿانو ٺاهي سگهندا هئا. ٺاٺارا سڄيءَ سنڌ ۾ موجود آهن.


لفظ ٺاٺاراھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو