ٺري

ٺري: ضلعي بدين جي تعلقي ماتليءَ ۾ هڪ ڳوٺ جو نالو، جيڪو سنڌراڻي ۽ ميرباگي واري داستان سبب مشهور آهي. ماتليءَ کان ٽنڊي غلام عليءَ ڏانهن ويندڙ رستي سان ”ٺريءَ“ جو قديم ماڳ آهي. جڏهن ’سنڌراڻي‘ وفات ڪئي هئي، تڏهن سندس جنازو، سندس وصيت موجب کڻائي آڻي ”ديواني شاهه“ جي شاهي قبرستان ۾ دفنايو ويو. ديواني شاهه جو قبرستان ڪافي آڳاٽو آهي ۽ ”ٺريءَ“ جي قديم کنڊرن سان لاڳيتو ڏکڻ طرف آهي. سنڌراڻيءَ جي قبر هن قبرستان جي اڀرندي ڀاڱي ۾، اُڍيجن جي مقام ۾ آهي.


لفظ ٺريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو