ٺوري2

ٺُوري2: مينهن ياڳئون جو ڦر مري وڃي ۽ اها نه مِڙي ته ڀاڳيا ان مئل ڦر جي کل بُهه يا پلال جو جي ڪٽي سان ڀري سبي ڦر جي شڪل جو بوتو ٺاهي مينهن يا ڳئون جي اڳيان رکندا آهن ته مينهن يا ڳئون کير ڏيندي آهي. لاڙ ۽ ٿر طرف ان کي ”ٺُوري“ چوندا آهن. جڏهن ته اتر سنڌ ۾ ان کي ”موئرو“ به چون. ٺوري هڪ شڪاري قبيلي جو نالو پڻ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو