ٺوڙهه

ٺوڙهه: هي ديهه تپي ڪونڪر تعلقي ڪراچي، يونين ڪائونسل درساڻي ڇني گڏاپ ٽائون ۾ آهي. واريءَ جا دڙا هئڻ ڪري هن کي ”ٺوڙهه“ چيو ويو ۽ ٺوڙهه مٽيي جي دڙن کي به چئبو آهي. هن جو اصل نالو ”ٺوڙهه“ آهي. هن کي ”ٺوڙهه پٽ“ معنيٰ ٺوڙهو/لسو پٽ چئبو آهي. سچل رينجرز هيڊڪوارٽر، بقائي ميڊيڪل يونيورسٽي، پولٽر اٽيٽ نمبر هڪ، زنيا ڳوٺ جو گھڻو ڀاڱو، شيدو ذڪريا ڳوٺ ٽول پلازه ڪراچي ۽ ٽول پلازا کانپوءِ مولوين جو اجتماع گاهه (صحراءِ مدينه) پٺاڻن جي آبادي، اسلامي يونيورسٽي، شيعن جو جديد قبرستان ”باغِ حسين“ فوجي فائرنگ رينج، عورتن وارو مدرسو، بقائي ڪيڊٽ ڪاليج سڀ انهيءَ ديهه ۾ آهن.


لفظ ٺوڙههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو