ٺيهو

ٺِيهو: رازڪي ڪم جو هڪ اصطلاح. فرش ٺاهڻ يا ڇت کي سنوت ۾ پٿارڻ لاءِ رازو ڏور سان سنوت وٺڻ لاءِ ڇت يا پَٽَ تي مٽي يا مصالحي سان اهڙيءَ طرح ڍڳڙيون ٺاهيندو، جيئن ڏور جي سطح ڍڳڙين جي مٿاڇري کي ڇُهي. رازو جيڪي ڍڳڙيون ٺاهيندو آهي، انهن کي ”ٺِيها“ چوندا آهن، واحد ڍڳيءَ کي ”ٺِيهو“ چئبو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو