ٺيڙهي

ٺيڙهي: تعلقي خيرپور ۾ هڪ ديهه جو نالو، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ آباد آهن: ’موچي اُڄڻ‘، ’ڊکڻ‘، ’دائود ڦلپوٽو‘ ۽ ’لولائي‘. انهن سڀني ڳوٺن کي گڏي ”ٺيڙهي“ جي نالي سان سڏيندا آهن. انهن سڀني ڳوٺن ۾ کجين جا باغ تمام گهڻي انداز ۾ آهن. جن باغن جي پيداوار ملڪي ضرورت کان تمام گهڻي ٿيندي آهي. انهيءَ ڪري اها ٻاهرين ملڪن ۾ موڪلي وڃي ٿي جيڪا ناڻي ڪمائڻ جو هڪ ذريعو آهي. هيءُ شهر خيرپور جي اتر اوڀر کان پنجن ميلن جي مفاصلي تي آهي، هتي خيرپور جو وڏي ۾ وڏو ديني مدرسو ”درالهديٰ“ آهي، جيڪو سڄي پاڪستان ۾ مشهور آهي. هتي کجور جا ڪيترائي ڪارخانا آهن، جيڪي مختلف قسمن جي کجور پيڪ ڪري سنڌ، پاڪستان ۽ عرب ملڪن ۽ ڏيساور ڏانهن موڪليندا آهن. کجور مان مربو، حلوو، آچار ۽ ٻيون ڪيتريون شيون ٺهنديون آهن.


لفظ ٺيڙهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو