ٺيڪو

ٺِيڪو: ٻول جو ڪم، مقاطعو، اُهو ڪم جيڪو ٻولي کڻجي. ان ۾ ڪم جي نوعيت، ڪم پوري ڪري ڏيڻ جو مُدو، اُجرت وغيره لکت ۾ ڄاڻايل هوندي آهي ۽ ٻيا خاص شرط شروط به لاڳو ڪيا ويندا آهن. لکت ۾ اهو به شرط ضروري هوندو آهي ته جي شرط مطابق ڪم مڪمل نه ٿيو ته ان لاءِ ضمانت واري رقم ضبط ڪئي ويندي.


لفظ ٺيڪوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو