ٺٽ2

ٺَٽ2: تعلقي نوشهري فيروز ۾ هڪ ديهه، جيڪا ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هن ديهه ۾ سما دور کان ساڳئي نالي سان هڪ ڳوٺ آباد هو، جيڪو سال 1901ع ۾ درياهه پائي ويو. بعد ۾ ٽي ڳوٺ- ٺٽ ڳوراهو، کيرو پنهور ۽ مياڻي ڳوٺ به درياهه خورد ٿيا. هن ديهه ۾ ٻيا هيٺيان ڳوٺ به آباد آهن: ’بچو کوکر‘، ’ڳوٺ لُراءُ‘، ’عبدالله کهاوڙ‘، ’عمر پٺاڻ‘، ’مياڻي ڳوٺ‘ ۽ ’ٺٽ-2‘.


هن صفحي کي شيئر ڪريو