ٺٽ3

ٺَٽُ: ٺٽ نالي سان ضلعي نوشهري فيروز ۾ هڪ درياهي بندر هو، جيڪو 11هين صدي عيسويءَ ۾ درياهه جي پائڻ سبب ختم ٿي ويو.
ٺٽ نالي سان هڪ ڳوٺ تعلقي پني عاقل جي ديهه ”ڳاڙهڪو“ ۾ آباد آهي، جنهن جي آبادي هزار اندر ٿيندي . هتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ جدا جدا پرائمري اسڪول موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو